اسلام آباد (م ڊ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ۽ پنهنجي راءِ منظوري لاءِ صدر کي موڪلي ڇڏي. سپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل پنهنجي رول 5 ۾ ترميم ڪئي آهي، رول 5 ۾ ترميم کانپوءِ الزامن تي وضاحت ڏيڻ جو حق ججن کي ڏنو ويو آهي. بيان موجب سپريم جوڊيشل ڪائونسل ججن خلاف 6 مختلف شڪايتن جي جاچ ڪئي، 6 شڪايتن مان 5 ۾ ڪائونسل وٽ ڪارروائي لاءِ ڪو مواد نه هو. سپريم جڊيشل ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي الزامن کي ڦهلايو ويو. ڪيترن ئي ججن مٿن لڳايل الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ججن جو موقف آهي ته بي بنياد الزامن جو جواب ڏيڻ ججن جي ضابطه اخلاق جي شق 5 جي ڀڃڪڙي آهي. ڪائونسل صلاح مشوري کان پوءِ ان نتيجي تي پهتي ته بي بنياد الزامن جو جواب ڏيڻ آرٽيڪل 5 جي ڀڃڪڙي نٿو ٿئي. ججن لاءِ ضابطا اخلاق جي آرٽيڪل 5 ۾ ججن جي خدشن سبب ترميم ڪئي وئي آهي. بيان موجب ڪائونسل بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج خلاف شڪايت تي جج کي نوٽيس جاري ڪندي نوٽيس جو جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 14 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل مظاهر نقوي خلاف 9 شڪايتن جو جائزو ورتو، انهن شڪايتن جو آئين جي آرٽيڪل 206 جي شق (6) تحت جائزو ورتو ويو، انهن شڪايتن ۾ مظاهر نقوي تي بدانتظامي جو ڏوهه ثابت ڪيو ويو، مظاهر نقوي کي عهدي تان هٽايو ويو.