اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف مبارڪباد جا پيغام موڪلڻ تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت ٻين عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا آهن. ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا تاريخي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. اميد آهي ته اهي لاڳاپا ايندڙ وقتن ۾ وڌيڪ پائيدار هوندا. ڀارتي وزيراعظم کي مخاطب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد واري پيغام تي اوهان جو ٿورائتو آهيان. زيراعظم شهباز شريف ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته کيس مبارڪباد جو فون آيو، اسان پنهنجي ملڪن ۽ خطي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان قطر سان برادرانه لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم ڪينيا جي صدر جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.