واشنگٽن(م ڊ) ڀارت آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي ملندڙ قرض جي سخت نگراني جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب آءِ ايم ايف ۾ پاڪستان جي 3 ارب ڊالرن جي جاري پروگرام تي عملدرآمد بابت جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ڀارت جي نمائندي ڪرشنا مورتي سبرامنيم سخت موقف اختيار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي مليل ايمرجنسي قرض جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته آءِ ايم ايف جو قرض دفاعي خرچن لاءِ استعمال نه ٿئي. ڀارت اهو به ڌمڪي ڏني ته اها رقم دهشتگردي ۾ سيڙپڪاري يا ٻين ملڪن (چين، سعودي عرب) کي قرض ڏيڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري ان کي بند ڪيو وڃي.