حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ عورتن، نوجوانن ۽ ڪجهه وڪيلن جبري گمشدگين، ڌارين جي آبادڪاري ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان احتجاج دوران چئن ٿاڻن جي پوليس جا اٽالا پريس ڪلب ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پهچي ويا، احتجاج ڪندڙن پاران نعريبازي بعد پوليس سان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي, پوليس پاران نوجوانن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش دوران عورتن مزاحمت ڪئي ته پوليس ٻن عورتن سميت 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب سامھون ان وقت چڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي, جنهن دوران ھيومن رائٽس فورم ۽ نيشنل وائيس فورم سنڌ جي نالن سان جڙيل تنظيمن پاران گڏيل طور تي جبري گمشدگين, سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عورتن، نوجوانن ۽ ڪجهه وڪيلن جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, جيئن ئي احتجاج شروع ٿيو ته حيدرآباد جي ڪينٽ، سٽي، فورٽ ۽ مڪي شاھه ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ مرد ۽ عورت پوليس اھلڪار پريس ڪلب جي روڊ جي سمورن ھنڌن تي پهچي ويا، اوچتو پوليس اٽالن مظاھرين گهيري ورتو ۽ سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، اھلڪار نوجوانن کي پوليس موبائلن ۾ کڻي ويا، ايس ايڇ او عمران رشيد اھلڪارن سان گڏ مسافر سوزوڪي کي احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ ٻين مرد مسافرن سان گڏ نامعلوم ھنڌ کڻي روانو ٿي ويو، ان دوران سوزوڪي ۾ سوار ٻين مسافرن ۾ رڙيون پئجي ويون. ھوڏانھن پوليس گرفتار ڪيل عورتن ۽ نوجوانن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. مظاھرين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سنڌ مان گم ڪيل ماڻھن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪيو, پر پوليس اسان تي بنا جواز تشدد ڪيو. ٻئي طرف ڄاڻايل واقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيه سنڌي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي جي لاءِ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو ته نياڻين ۽ ڪارڪنن تي بدترين تشدد انساني حقن جي لتاڙ آھي، ھوڏانھن گرفتارين ۽ ڪيس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پوليس سان بار بار رابطو ڪيو ويو, پر پوليس سان رابطو نه ٿي سگھيو . ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ٻن عورتن سميت 10 ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي, جن ۾ رحيم ولد امداد علي کوسو, آصف علي ولد برڪت علي چانڊيو, آفاق حسين ولد محمد ملوڪ آريجو, سليمان ولد مير خان کوسو, رجب ولد نواب سومرو, محمد سليم ولد جمن اوٺو, شاهد حسين ولد جڙيل سومرو ۽ مسمات صوفيه زال رحمت علي جسڪاڻي شامل آهي. احتجاج ڪندڙن مٿان ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي تيارين جا اطلاع پڻ هئا.