اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي. هن ڏينهن جي تاريخ بظاهر ايڏي پراڻي ناهي. پهريون ڀيرو هي ڏينهن 8 مارچ 1908 تي ملهايو ويو هو. ساڳي ڏينهن تي 1910 ۾ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي عورتن جي حقن بابت بحث مباحثو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڏاھن شرڪت ڪئي. روس جي انقلاب ۾ عورتن تمام وڏو بهرو ورتو ۽ جڏهن 1917ع ۾ روس انقلاب آيو ته اٺين مارچ تي عورتن جي ڏينهن تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو. هي ڏينهن ملهائڻ جو اصل مقصد عورتن جي حقن کي تسليم ڪرڻ آهي. عالمي سطح تي عورت جي عظمت کي گهڻو دير سان تسليم ڪيو ويو. عورتن کي ووٽ جو حق اهو چئي نه پئي ڏنو ويو ته عورتون جذباتي ٿين ٿيون ۽ پنهنجي راءِ جو درست استعمال نه ڪري سگهنديون. 1918ع ۾ برطانيا ۾ صرف ٽيهن سالن کان وڏي عمر جي عورتن کي حق ڏنو ويو. عورتن پنهنجي جدوجهد جاري رکي نيٺ ٺيڪ 1928ع عورتن کي ووٽ جو مڪمل حق مليو.
پاڪستان ۾ توڙي جو آئيني طور ووٽ جو حق عورتن کي حاصل آهي، پر اڄ به ڪيترن ئي قبيلن جون عورتون ووٽ ناهن ڏينديون. بلڪه سچي ڳالهه اها آهي ته اڄ به ڪيترن ئي نياڻين کي اسڪول نٿو موڪليو وڃي بلڪه اهو به سچ آهي ته عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺهيل ناهن. تاريخ ۾ چند ڏاھن کي ڇڏي ٻين عورت سان بي رحم ورتاءُ ڪيو آهي، ڪنهن عورت کي دغا باز سڏيو آهي، ڪنهن عورت کي فتنو سڏيو آهي ته ڪنهن وري عورت کي فساد جي پاڙ سڏيو آهي. ان جي باوجود عورت پنهنجي جدوجهد سان پنهنجي عظمت مڃرائي آهي.
پٿر جو دور هجي يا ٽامي توڙي لوھ وارو دور يا وري انسان جي تهذيب جا بنيادي دور هجن، انهن سڀني ۾ عورتن جو ڪردار مردن سان گڏ ئي رهيو آهي. ظاهر آهي ڪا به تهذيب جڏهن جڙي هوندي ته اها رڳو مردن ته ڪا نه جوڙي هوندي!؟ ان کان پوءِ سائنسي نظرين مطابق جيڪي انساني دور يا درجا ٻڌايا ويا آهن جن ۾ بنيادي نظام کان ويندي غلامي جو نظام، جاگيرداري نظام کان ويندي سماجي نظام (سوشلسٽ) تائين سڀني ۾ عورت کي "غلام” ۽ "ملڪيت” طور ئي ڏٺو ويو آهي ۽ اڄ به کيس ملڪيت ئي تصور ڪيو وڃي ٿو.
انسان کي فطري طور تي "آزاد” چيو ويو آهي پر اهو بيان، اها ڳالھه يا اهو تصور، عورت لاءِ ناپيد آهي يا ايئن کڻي چئجي ته کيس ان بيان ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. سڌريل توڙي اڻ سڌريل سماجن ۾ اڄ به گهڻن ڀاڱي عورت کي ڪم تر ۽ بد نصيب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ٿي. وڏن وڏن عهدن تي فائز هجڻ جي باوجود اسان جي عورت کي "عقل کڙيءَ ۾” هجڻ جو طعنو اڪثر ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو.
هڪ عجيب ناانصافي ۽ زيادتي آهي جو عورت کي ديوي بڻائي پوڄيو به وڃي ٿو ته ٻئي طرف کيس پير جي جتي به سمجهيو ويندو رهيو آهي ته منحوس ۽ بد نصيب هجڻ جا تمغا به کيس ملندا رهيا آهن.
سنڌي سماج عورت جي حوالي سان جنهن پستي جو شڪار هن وقت آهي، تاريخي طور تي ايئن ڪڏهن به ناهي رهيو. سونهن ديوي راءِ سهاسي بادشاھ جي زال هئي، هن بادشاهه جي موت کان پوءِ پنهنجي وزير راجا چچ سان شادي ڪئي ۽ سنڌ ۾ برهمڻ دور جي شروعات ٿي. سومرن جي دور ۾ تاري ٻائي سنڌ تي حڪومت ڪئي. همون ٻائي جي الڳ تاريخ آهي، ٻاگهي کان ويندي ڪويل تائين ڪيتريون ئي شهزاديون پنهنجي مرضي جون مالڪ رهيون آهن. لطيف سائينءَ جون سڀ سورميون عظيم ته آهن ئي پر هو خودمختيار به آهن. سسئي اڪيلي پنهنجي ور پنھونءَ جي پويان وڃي ٿي ۽ لطيف سائين کيس مرد کان مٿاهون سڏي ٿو،
سسئي لنگھيو سو، مرد جنھن مات ڪيا،
جبل وڏو جو، نوڻ مڙوئي نينھن کي.
سھڻي درياهه پار ڪري ميهار سان ملي ٿي، مومل مرضيءَ سان ڪاڪ وسائي ٿي، نوري نوڙت اختيار ڪري بادشاھ کي تابع ڪري ٿي.
ميء هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر تي ڪالهه هو.
مارئي پنهنجي عظمت ۽ وطن جي محبت ۾ عمر بادشاھ کي مجبور ڪري ٿي جيڪو کيس آزاد ڪري ٿو.
ايءُ نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙيء سين نه مٽيان.
سورٺ ۽ ليلا پڻ پنهنجي مرضي ۾ خودمختيار هيون
پر اهو به سچ آهي ته اڄ به اسان جو معاشرو عورت کي "گونگي” ٿي جيئڻ لاءِ همٿائي ٿو، نتيجي ۾ عورت پنهنجي پوري وهي ماٺ ميٺ ۾ گذاري ٿي بلڪه پنهنجو پورو جنم تباھ ٿي ڪري ويهي.
ڪتابن ۾ ميڊيا ۾، ۽ اسٽيج تي بيهي عورت لاءِ پيغام عام ٿئي ٿو : "بول ڪي لب آزاد هين تيري”
پر پوءِ به گهڻن هنڌن تي چپن جا ٽوپا کولڻ تہ پري رهيو پر ذهن تي لڳل زنجير به ٽوڙڻ نه ٿا ڏنا وڃن. ائين سوچن کي مضبوط سيخن پويان قيد ڪيو ٿو وڃي جو آزادي ۽ برابري جو اهڃاڻ سمجهندڙ آواز به پنهنجي گهر جي عورتن کي شڪ جي عينڪ پائي ٿا ڏسن اڻ سڌي غلامي جي ڪنڊن سان سندن روح رتوڇاڻ ڪندا ٿا رهن.
مطلب ته ته اڄ سنڌ ۾ عورتن کي مردن جي برابر حق حاصل ناهن. سنڌ جي عورت اڄ خودمختيار ناهي. تعليم، ووٽ، مرضي جي شادي، علاج کان ويندي ملڪيتن ۽ نوڪرين ۾ عورتن کي برابر جو حق نٿو ڏنو وڃي. اڪثر نياڻين جون شاديون رڳو ان ڪري نٿيون ڪرايون وڃن ته ملڪيت مان حصو ڏيڻو پوندو. گهرن ۾ نياڻي جي ڀيٽ ۾ پٽ کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. نياڻي کي ڪاري ڪري مارڻ، سڱ چٽي طور نياڻي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ ۽ نياڻي ميڙ ڪري وڃڻ جهڙيون ڪڌيون رسمون اڄ به سنڌ ۾ عام آهن. اسان اهو به ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا ته ڪو به سماج عورت جي خودمختياري، بھترين تعليم ۽ مڪمل حق ڏيڻ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. باوجود ان جي باوجود اسان عورت جي خودمختياري ۽ کيس برابر جا حق ڏيڻ جي حق ۾ ناهيون.
اسان جيڪڏهن عورت کي عزت ڏئي، کيس اعلي تعليم جي زيور سان سينگاري، کيس مڪمل حق ڏينداسين ته هي سماج جنت بڻجي ويندو. اسان جي سماج مان جهيڙا، فساد، حسد، ڪروڌ ۽ ڪوڙ جهڙيون برايون ختم ٿي وينديون. ڇاڪاڻ ته عورت جيڪا نياڻي نماڻي آهي اها جنگ جدل ۽ جهيڙي جي حق ۾ ناهي هوندي.