ڪرپٽ حڪومت جي ڪري لکين ماڻهو غربت جو شڪار آهن:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته نااھل ۽ ڪرپٽ حڪومت جي ڪري لکين ماڻھو غربت جو شڪار ٿي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ٿي ويا آھن، سستو ورتل پيٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين رپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي آھي، حڪمران 2 مھينا پگھار نه کڻڻ جو ڍونگ ڪرڻ بدران ڪرپشن بند ڪن، ھٿرادو پيٽرول مھانگو ڪري عوام جو معاشي قتل ڪرڻ بند ڪن، ڪراچي ۾ ڪو به  جھيڙو، ڏڦيڙ، خوف ۽ خونريزي سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد ۾ ناھي، ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي تباهين جو شڪار ٿيل ضلعن جا بيروزگار نوجوان پرامن طور ڪراچي اچي روزگار ڪن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا وسيلا خطري ۾ آھن، جلال پور ڪئنال قبول ناھي، سنڌو درياھ تي ڪو به نئون ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ جي ھر کاتي ۾ ميرٽ بدران نااھل ماڻھن کي رشوت عيوض ڀرتي ڪيو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.