بلوچستان ۾ گهمڻ سنڌ واسي 3 نوجوان پوليس هٿان هاف فراءِ

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) بلوچستان ۾ گهمڻ ويل سنڌ واسي 3 نوجوانن کي گاڏي مان لاهي هاف فراءِ ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، هاف فراءِ ڪيل احسان لاشاري جي زال دانهون ڪندي ٻڌايو ته مون سان ظلم ڪيو ويو آهي، منهنجا ننڍڙا ٻچڙا آهن، مان ڪيڏانهن وڃان، احسان جي گهرواري آهيان مان، پوليس هاف فراءِ ڪري مڙس جي ڄنگهه ڪٽي ظلم ڪيو آهي، بلوچستان پوليس منهنجي مڙس احسان لاشاري کي هاف فراءِ ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ  سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي آهي، سياسي سماجي، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي اڳواڻن چيو آهي ته بلوچستان پوليس دهشت گردن سان منهن نٿي ڏئي سگهي پر بيگناهه نوجوانن کي گاڏي مان لاهي زخمي ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي، معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.