پاڻ کي عورت تصور ڪجان

تحرير: امر پيرزادو

جڏهن نه چاهيندي به

توکي اهو سڀ ڪرڻو پوي

جنهن ۾ تنهنجي دل ۽ روح

شامل نه هُجن

پاڻ کي عورت تصور ڪجان

 

جڏهن تنهنجي جسم جو سودو ٿي

جڏهن تون ڪنهن جي ملڪيت

سمجهيو وڃين

جڏهن تنهنجي ساهن  مٿان

نصيحتن جو ٻوسٽ هُجي

پاڻ کي عورت تصور ڪجان

 

جڏهن جوان ٿيندي ئي

قيد ٿي وڃين

۽ آسمان جي وسعت

دري جيتري وڃي رهي

پاڻ کي عورت تصور ڪجان

 

ڪڏهن اڌ رات جو

پنهنجي ٻار لئه

جي پنهنجي ننڊ ڦٽائين

ان جا هنڌَ مٽائين

پنهنجو آرام وڃائين

پاڻ کي عورت تصور ڪجان

 

جڏهن اِهو طي ٿي وڃي

توکي ڇا ڪرڻو آ

ڪيئن رهڻو آ

ڪيئن کلڻو آ

ڪيئن رئڻو آ

ڪيئن جيئڻو آ

ڪيئن مرڻو آ

پاڻ کي عورت تصور ڪجان

 

جڏهن جسماني فرق جي سزا

انساني فرق بڻجي وڃي

پاڻ کي عورت تصور ڪجان

 

۽ اهڙو تصور ڪري

اي نام نهاد غيرتمند مردَ

عورت نه هُجڻ تي

شُڪر نه ڪجان

ان کي پاڻ وانگي

آزاد ٿيڻ ڏجان

آزاد ٿيڻ ڏجان….. !!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.