ڪراچي ( رپورٽر ) عورتن جي حقن جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ نامور ڊانسر،شيما ڪرماڻي، پاسٽر غزالا شفيق ۽ زويا علوي ۽ منيزه احمد ڪراچي پريس ڪلب ۾ 8 مارچ تي عورت مارچ جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته فريئر هال جي جناح باغ ۾ 8 مارچ تي منجهند جو 2 وڳي کان شام بجي تائين عورت مارچ جو پروگرام منعقد ڪيو ويندو هن دفعي مختلف انداز ۾ عورت مارچ ڪيون، جنهن ۾ گم ٿيل والد جي بازيابي ۽ شهادت تي دليري سان احتجاج ڪندڙ سنڌي نينگرين سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار خصوصي طور شرڪت ڪنديون، هنن چيو ته عورت مارچ هڪ احتجاجي ميلي جي شڪل ۾ هوندو ۽ ھاڻي عورت مارچ ان لاءِ ضروري آهي ته سياسي ۽ سماجي ماحول عورتن جي خلاف ٺهي چڪو آهي ، اسان هن ڀيري سياسي نعرا تبديل ڪنداسين، اسيمبلين ۾ به عورت جي تذليل ڪرڻ واري ٻولي ڳالهائي وڃي پئي، ھاڻي اسان گم ٿيل ماڻھن لاءِ پڻ آواز اٿارينداسن. ھنن چيو ته بلوچستان جون عورتون جبري گمشدگي جي ڪري اذيتناڪ زندگيون ڀوڳي رهيون آهن، انھن جي احتجاج واري نمائندگي سمي بلوچ ۽ سسئي لوهار پاران ڪئي پئي وڃي، ھنن چيو ته معاشري اندر اسپتالن، تعليم سميت ٻين سمورن شعبن ۾ اسان جي جسمن تي عسڪري پاليسي تحت قبضا ڪيا پيا وڃن. اقليتن سان ٿيندڙ ظلمن بابت به هن مارچ ۾ آواز اٿارينداسين، عورت اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ عورت مارچ کدڙن فقيرن، معذورن، اقليتن توڙي هر مظلوم طبقي جي حقن لاءِ ڪيو ويندو آهي، اقليتن جي نوجوان ڇوڪرين کي زوري شادي ڪرائي زوري اسلام قبول ڪرايو ٿو وڃي، پاڪستان ۾ مذهبي جنون وڌي رهيو آهي، ان جي مثال تازو ئي هڪ عورت کي لباس جي ڪري هراسان ڪيو ويو، تيسر ٽائون ڪراچي ۾ هڪ جڳھ تي زمين جو تڪرار آهي اتي توهين آمين الفاظ لکي ڪاغذ اڇلايا ويندا آهن، عورت اڳواڻن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته پنهنجا چونڊ منشور ۾ ڏنل واعدا پورا ڪيا وڃن ، سنڌ جي هندن کي ظلم ڪري زوري ڌڪيو پيو وڃي،