اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽيو ڊيولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي پاڪستان ۾ 2024 جي عام چونڊن تي پنهنجي جائزي واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب عام چونڊن ۾ سڀ کان گهٽ منصفاڻو اسڪور رڪارڊ ڪيو ويو، هي گذريل چونڊن جي دورن جي مقابلي ۾ شفافيت جي اسڪور ۾ گهٽتائي جي نشاندهي ڪري ٿو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ مرحلي کان اڳ ۽ ان ددوران چونڊن جي شيڊول ۾ گهڻي دير ۽ سياسي جبر ڏٺو ويو، پولنگ مرحلي ۾ نگران حڪومت طرفان غيرجانبداري جو فقدان ڏٺو ويو، رپورٽ موجب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بگڙيل رهي، موبائل بندش چونڊ عمل ۾ عوام جي شرڪت جي لاءِ به ڏکيائيون پيدا ڪيون، فارم 45 ۽ فارم 47 جي وچ ۾ وڏي پئماني تي تفاوت جي الزامن به چونڊن جي ساک جي ابري ۾ خددشن کي وڌايو آهي، پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تي فارم 45،46،48 ۽ 49 جي اشاعت ۾ دير ڪئي وئي هئي، اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 95 (10) جي ڀڃڪڙي اليڪشن جي ساک کي وڌيڪ نقصان پهچايو، رپورٽ موجب پولنگ جي ڏينهن موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروسز جي معطلي صرف اليڪشن مئنيجمينٽ سسٽم سان سمجهوتو ڪيو، پولنگ مڪمل ٿيڻ بعد طئي ٿيل وقت کان وڌيڪ عارضي نتيجن جي اعلان ۾ دير چونڊن جي ساک تي سنگين سوالن کي جنم ڏنو، رپورٽ موجب سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ 25 ڏينهن تائين هڪ وڏو تڪرار بڻجندي رهي، ٻين سمورين جماعتن کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون ويون، رپورٽ ۾ چيو ويو ته پري پول مرحلي جي لاءِ تشخيص جو اسڪور 50 سيڪڙو هو جيڪو 2013 جي 62 سيڪڙو جي اسڪور کان نمايا طور تي گهٽ آهي، پولگ ڏينهن جو مرحلو، ووٽنگ، پولنگ عملي جي ڪارڪردگي ۽ پولنگ اسٽيشنز جو معيار 2018ع جي عام چونڊن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خراب آهي، رپورٽ موجب ووٽن جي ڳڻپ، نتيجن کي حتمي شڪل ڏيڻ، ٽرانسميشن، استحڪام، عارضي نتيجن جو اعلان ۽ چونڊن بعد جي عمل کي گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو اسڪو مليو، اليڪشن ڪميشن 2024 جي عام چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين جي مڪمل ۽ غيرجانبدارانه جاچ ڪري، اليڪشن ڪميشن عبوري نتيجن جي پهچ، استحڪام ۽ اعلان ۾ دير جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪري.