طاقت جي استعمال سان هڪ ٻيو ڀٽو پيدا ٿي سگهي ٿو؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) آمريڪي لابنگ فرم ذريعي پاڪستان ۾ آمريڪي مداخلت جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ميٿيو ملر جي پريس ڪانفرنس دوران شهبازشريف حڪومت بابت سوال پڇيو ويو،اهو سوال ڪندڙ صحافي پي ٽي آءِ جي پيرول تي هو، پي ٽي آءِ وارا اسٽيبلشمينٽ کي چيڙائي پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، ذريعن موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چونڊ نتيجن ۽ لڳندڙ الزامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو،نگران حڪومت پنهنجي حيثيت ۽ اوقات جي مطابق چونڊون ڪرائي ڇڏيون،سياسي حڪومت اچي چڪي آهي، عمران شفقت چيو ته هاڻي جيڪڏهن سياسي حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي آڌار تي يا اسٽيبلشمينٽ پاڻ پنهنجي هٿن سان پي ٽي آءِ جون ٻانهون مروڙي ٿي ته هڪ ٻيو ڀٽو پيدا ٿي سگهي ٿو،9 مئي واقعن جي حوالي سان وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ويندي، هاڻي اٽارني جنرل ذريعي اسٽي آرڊر واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي ويندي، عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه لاءِ گهڻا هٿ پير هڻي رهيو آهي پر فوج انڪاري آهي،عمران خان جي آخري اميد جسٽس اعجاز الاحسن هو جيڪو هاڻي سپريم ڪورٽ مان استعيفيٰ ڏئي هليو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.