ڪوئيٽا (م ڊ) برسات وسائيندڙ اولهندي هوائن جو نئون اسپيل بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪوئيٽا سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري شروع ٿي وئي. اڱاري تي ٻنپهرن جو برسات جي نئين اسپيل جي شروعات ٿي جنهن کان پوءِ ڪوئٽه ۾ هلڪي برسات جو سلسلو رات دير تائين وقفي وقفي سان جاري رهيو. جڏهن ته زيارت وادي ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو. لاڳيتو پوندڙ برفباري سبب سيءَ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. گوادر ۽ پنجگور سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ به هلڪي برسات پئي. صوبي ۾ سڀني کان وڌي برسات پنجگور ۾ 1ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. مختلف علائقن ۾ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ به واڌ ٿي وئي آهي. موسميات کاتي اربع تي ڪوئٽه، چمن، پشين، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، زيارت، زوب، شيراني، موسيٰ خيل، قلات، خضدار، چاغي، پنجگور، تربت، واشڪ، دالبدين، خاران، گوادر، جيواني ۽ پسني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جي باوجود گيس جي سپلائي مڪمل بند ٿيڻ سان شهرين ۽ سياحن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
-
پي ٽي آءِ جي آمريڪي لابنگ ذريعي چونڊ نتيجن ۾ مداخلت جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي: عابد شير علي
ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي آمريڪي لابنگ جي ذريعي چونڊن نتيجن ۾ مداخلت جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، ڇو ته آمريڪي حڪومت چيو آهي ته هو نئين چونڊيل سيٽ اپ سان گڏيل مفادن تي ڪم ڪندا، ايڪس تي پوسٽ ۾ هن چيو ته رياستون صرف ٻه طرفه مفادن کي ڏسنديون آهن.