ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ، جيڪي بل ڀرين ٿا انهن جو ڪهڙو ڏوهه؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي روبرو اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار چيو ته پٽيل پاڙا ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رڳو ساڍا 11 ڪلاڪ بجلي ايندي آهي، 79 سيڪڙو ماڻهو بل ڀرين ٿا، جيڪي بل ڀرين ٿا انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اعلانيل لوڊشيڊنگ پنهنجي جاءِ تي پر هاڻ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ به ڪئي پئي وڃي. ڪي اليڪٽرڪ لوڊشيڊنگ کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو، ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته لوڊشيڊنگ حڪومتي پاليسي موجب ٿي رهي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪي ماڻهو بل ڀرين ٿا، انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته هاءِ لاسز ايريا ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي، لوڊشيڊنگ بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به موجود آهي.
جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته هڪ عام شهري توهان جي سامهون بيٺو آهي، لوڊشيڊنگ سان متاثر آهي، ان شهري جو مسئلو توهان ڪيئن حل ڪندئو، ڪي اليڪٽرڪ وڪيل چيو ته جتي جتي بجلي چوري ٿيندي آهي اتي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، اسان بجلي چوري جا مختلف ڪيس به داخل ڪيا آهن، بجلي جو ڪنڊو هٽايون ٿا ته ماڻهو وري لڳائي ٿا ڇڏين. ڪي اليڪٽرڪ پٽيل پاڙا ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ عدالت کان وقت گهري ورتو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪي اليڪٽرڪ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.