عمران سميت سمورا سياسي قيدي آزاد ڪريو:سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو ٺهراءُ سينيٽ ۾ جمع ڪرايو ويو.قرارداد تي  پي ٽي آءِ جي سينيٽر سينيٽر فلڪ ناز چترالي ۽ سيف الله ابڙو دستخط ڪيا آهن.پي ٽي آءِ سينيٽر طرفان جمع ڪرايل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف ڪيس ڪوڙ ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل آهن. انهن ڪيسن جي ڪا به حيثيت ناهي، انهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.قرارداد ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ جو باني ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جو سربراهه آهي.متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سياسي انتقام ملڪي معيشت، وقار ۽ قومي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي سميت سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.