نسيم ميمڻ خلاف سزا تي گورنر حتمي فيصلو ناهي ڪيو: ترجمان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي ترجمان چيو آهي ته نسيم ميمڻ خلاف محتسب طرفان ڏنل سزا تي گورنر ڪو به  حتمي فيصلو ناهي ڪيو ، حتمي فيصلي تائين رڳو سندس سزا معطلي تي عمل ڪيو ويو آهي. نسيم ميمڻ جي ڪيس جو قانون موجب جائزو ورتو پيو وڃي ۽ لاڳاپيل قانون تحت ئي حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته قانون موجب سنڌ جو گورنر صوبائي محتسب جي فيصلن خلاف اپيلٽ اٿارٽي آهي، نسيم ميمڻ ان قانون تحت صوبائي محتسب جي فيصلي خلاف سنڌ جي گورنر کي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.