غربت: ڪراچي ۾ ٻن ڌيئرن ۽ پٽ کي باهه ڏئي پاڻ ساڙيندڙ پورهيت دم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) هاءِ ڙي غربت، ڪراچي ۾ غربت سٽيل پيءُ ٻن ڌيئرن ۽ پٽ کي ساڙڻ بعد پاڻ کي به باهه ڏئي ڇڏي، ڪراچي جي علائقي خواجه اجمير نگري ۾ هيانءُ ڏاريندڙ واقعو، غربت سبب پيءُ پنهنجي ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ کي باهه ڏيڻ بعد پاڻ کي به باهه ڏئي ڇڏي، ٻڌايو پيو وڃي ته فروٽ وڪرو ڪندڙ پورهيت عارف 5 ورهين جي ڌيءَ حورين فاطمه، 4 ورهين  جي ايمان فاطمه ۽ ٽن ورهين جي پٽ غلام حسين کي باهه ڏيڻ بعد پاڻ کي به باهه ڏئي ڇڏي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته برنس وارڊ ۾ پورهيت عارف دم ڏئي ڇڏيو، ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي، عارف ٻارن کي گهر مان گرائونڊ تي وٺي آيو ۽ هنن کي باهه ڏيڻ بعد پاڻ کي به باهه ڏئي ڇڏي، عارف فوت ٿي چڪو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته غربت سبب هو پريشان هو ۽ هن اهڙو انتهائي قددم کنيو.

  1. گورنر پاران آپگهات واقعي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري نارٿ ڪراچي ۾ عارف نالي شخص پاران ٻارن سميت آپگهات ڪرڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.  گورنر چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي معاشي حالتن کان تنگ آهن اهي گورنر هائوس جي اميد جي گهنٽي ڏانهن رجوع ڪن، جيڪا 24 ڪلاڪ فعال رهي ٿي، اميد جي گهنٽي تي ايندڙ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بروقت قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته مهانگائي ۽ ٻيا عنصر عام ماڻهو کي اهڙي طرح جا انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.