حيدرآباد (رپورٽر) سڄاڻ عورتن گھر ڪئي آھي ته سنڌ ۾ بيگناھه قتل ٿيل عورتن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن، سردارن ۽ وڏيرن کي گرفتار ڪري سزائون ڏنيون وڃن، عورتن بابت ٿيل قانونن تي عمل ڪرايو وڃي، نياڻين جي تعليمي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي خاص بجيٽ رکي وڃي، ھارياڻين ۽ مزدور عورتن جي حقن بابت سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ڪرايو وڃي، ڪارو ڪاري، گھريلو تشدد ۽ حراسان ڪرڻ خلاف جوڙيل قانونن تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سماجي تنظيم ايس ڊبليو او آر ڊي پاران تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڄاڻايل قراردادون پيش ڪيون ويون، تقريب ۾ شهيد ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو سميت سڄاڻ عورتن اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل، رشيده پنھور، امر سنڌو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻ نظير قريشي چيو ته عورتن جو ڏينھن ھر سال ملھايو ويندو آھي، پر ھر ڏينھن روز عورت پيڙھا ۾ گذاري ٿي, هي اھو عورت جو ڏينھن آھي جيڪو عورتون ڪيترن ئي سالن کان ملھائين ٿيون. ھن چيو ته 1975ع ۾ اقوام متحده عورتن جو ڏينھن 8 مارچ تي ملھائڻ جو اعلان ڪيو، ليکڪا ۽ استاد امر سنڌو چيو ته عورتن جو عالمي ڏينھن وڏي اهميت رکي ٿو، حقيقت ۾ سنڌ مختلف سياسي شعور رکندڙ آھي. اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل چيو ته عورتن کي عورتن جي عالمي ڏينھن تي پنھنجا حق ياد ايندا آھن، اسان وٽ عورتن جي آزادي اڃا تائين ھڪ خواب بڻيل آھي، عورتن کي ٿوري گھڻي آزادي خيرات ۾ نه ملي آھي، ان لاءِ به عورتن قربانيون ڏنيون آھن, اسان عورتن کي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ گھرجي، تقريب کي نسيم لغاري، زينب چانڊيو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، رياض مجيد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي شھيد ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا ۽ ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا.