پهاڙن تي ويٺل بلوچ قومي ڌارا ۾ شامل ٿين:سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا( م ڊ) پ پ جو نامزد اميدوار سرفراز بگٽي بنا مقابلي بلوچستان جو  وڏو وزير چونڊجي ويو آهي،  بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر  عبدالخالق اچڪزئي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سرفراز بگٽي 41 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي،وڏو وزير چونڊجڻ بعد گورنر بلوچستان سرفراز بگٽي کي حلف به کڻايو، حلف برادري تقريب ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت وڏي اڳ ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ شريڪ ٿيا، ياد رهي ته سرفراز بگٽي سامهون ڪنهن به ميمبر وڏ وزارت لاءِ فارم نه ڀرايو هو، ٻئي پاسي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي نئين چونڊيل وڏي وزير سرفرار بگٽي چيو ته پهاڙن تي ويل ناراض بلوچ واپس اچي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين ، سڀني لاءِ رستا کليل آهن، هن چيو ته پيپلز پارٽي ئي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍي سگهي ٿي،پيپلزپارٽي ملڪ کي آئين ڏنو ۽ ايٽمي قوت بڻايو، پيپلز پارٽي وفاق جي جماعت آهي، بلوچستان چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي ، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي بي يقيني واري صورتحال آهي، سندس چوڻ آهي ته هن وقت مفاهمت جي سياست جي ضرورت آهي،صوبي جي غريب ٻارن کي اسڪول موڪلينداسين ،سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو آهي ته ڊويزن سطح تي سنڌ جهڙيون اسپتالون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين،سندس چوڻ هو ته  وڏو چئلينج گورنس جو آهي، تعليم جي شعبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي،گڏجي بلوچستان جي گورننس جي بحران کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين،پبلڪ پرائيوٽ پاٽنرشپ ذريعي صحت کاتي ۾ بهتري آڻينداسين،بلوچستان جي انفراسٽرڪچر جي تحفظ جي ذميواري آسان جي آهي، پهاڙن تي ويٺل ماڻهو قومي ڌارا ۾ شامل ٿي صوبي جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪن،اڄ کانپوءِ بلوچستان ۾ نوڪري وڪرو ڪرڻ وارو ڌنڌو نه هلندو..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.