ملڪ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين ڊي ايم اي ملڪ ۾ شديد برساتن جي هڪ ٻئي اسپيل جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ٿڌ وڌي وئي آهي.
اين ڊي ايم اي موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 5 کان 7 مارچ تائين برسات جو امڪان آهي، خيبر پختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب جي مٿين علائقن ۾ مينهن وسندو، ان دوران ڪجهه علائقن ۾ آنڌاري ۽ ڳڙي جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب راولپنڊي جي برساتي ۽ مقامي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته تازين برساتن کانپوءِ موسم غير معمولي طور ٿڌي ٿي وئي آهي.
ڪراچي ۾ اڄ صبح سوير پارو 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ شهرين کي مارچ ۾ جنوري جو احساس ٿي رهيو آهي.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ اتر اولهه کان 16 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.