ايم ڪيو ايم پاران وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد ( م ڊ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان وزيراعظم جي چونڊ ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو  ڪيو آهي. مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هوڏانهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته شهباز شريف اڄ وزيراعظم ٿيندو، انشاءَ الله اسان جون نيڪ تمنائون شهباز شريف سان آهن.هن چيو ته اسين چونڊن کان اڳ به مسلم ليگ ن سان گڏ هئاسين ۽ هاڻ به گڏ آهيون. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا تنوير چيو ته اڄ وزيراعظم جي چونڊ آهي، اسان ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ وزيراعظم لاءِ ووٽ گهرڻ آيا هئاسين، اهي ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ايندا، ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان جو ايم ڪيو ايم پاڪستان سان معاهدو ٿي ويو آهي، بلدياتي چونڊن لاءِ آئين سازي جو معاهدو ٿي ويو آهي.هن اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان اسان کي وزيراعظم لاءِ ووٽ ڏيندي، واضح رهي ته وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.