نوازشريف ڪهڙي منهن سان محمود اچڪزئي جي مخالفت ڪندو:فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جنهن ڏينهن فارم 45 اپ لوڊ ٿيندو نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو. تفصيل موجب  عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ويب سائيٽ تي فارم 45 اپ لوڊ ڪرڻ کان ڊڄي رهي آهي، جنهن ڏينهن فارم 45 اپ لوڊ ٿيندو ان ڏينهن نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو، عمران خان اعلان ڪيو آهي ته  اليڪشن ڪميشن تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو، شهيد بينظير ڀٽو فارم 45 جي قانون سازي ڪئي ۽ عمران خان فارم 45 جي اهميت عوام کي ٻڌائي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ طرفان محمود خان اچڪزئي کي صدر لاءِ نامزد ڪرڻ بهترين فيصلو آهي،هاڻي نوازشريف ڪهڙي منهن سان محمود اچڪزئي جي مخالفت ڪندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.