اي اين پي پاران صدارتي چونڊ ۾ آصف زرداري جي حمايت جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي صدارتي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اتحادي پارٽين جي گڏيل اميدوار آصف علي زرداري جي  حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب اي اين پي خيبرپختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اي اين پي خيبرپختونخواهه جي صدر ايمل ولي خان وچ ۾ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته اي اين پي 9 فيبروري تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ صدر آصف علي زرداري جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صدارتي چونڊن ۾ حمايت تي اي اين پي قيادت جا ٿورا مڃيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.