ڪراچي(پ ر)سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي ( اي پي اين ايس ) جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ( اي پي اين ايس ) جي چونڊن ۾ صدر ناز آفرين سهگل لاکاڻي، سينيئر نائب صدر امتنان شاهد، نائب صدر محمد اسلم قاضي، جنرل سيڪريٽري سيد سرمد علي، جوائنٽ سيڪريٽري سيد محمد منير جيلاني ۽ فنانس سيڪريٽري شھاب زبيري جي ڪاميابي ( اي پي اين ايس ) جي ميمبرن مٿن اعتماد جو واضح ثبوت آهي جڏهن ته ھنن جي ڪاميابي ميمبرن پاران انهن تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، هنن جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا جي تبديلي جي هن جديد دور ۾ به پرنٽ ميڊيا جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته پرنٽ ميڊيا عوام تائين تصديق شده معلومات پهچائڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي، هنن وڌيڪ چيو اسان کي پوري اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار ۽ ميمبر پنهنجي پراڻي روايتن جي فضا کي برقرار رکندي پرنٽ ميڊيا جي بهتري لاءِ متحرڪ ۽ جامع ماحول لاءِ راھ هموار ۽ صحافتي ادارن جي مضبوطي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رھندا.
-
راڻي پور جي درگاهه جي غسل خاني مان نوجوان جو لاش هٿ
راڻي پور(رپورٽ:فياض حسين راڄپر ) درگاهه غوثيه راڻي پور جي درگاهه جي غسل خاني مان هڪ نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو آهي ،جنهن جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي ،سندس کيسي مان دوائن جو هڪ پرچو پڻ هٿ آيو آهي ،اطلاع ملڻ تي راڻي پور پوليس سندس لاش کڻائي ضروري ڪاروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاء سرڪاري اسپتال پهچايو آهي،پوليس سندس سڃاڻپ ڪرائڻ لاء ڪوششون ڪري رهي آهي، ليڪن هن مهل تائين سندس سڃاڻپ ٿي ناهي سگهي پوليس ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته جيڪو به کيس سڃاڻي ته پوليس کي اطلاع ڪري ته جيئن سندس مڙهه وارثن تائين پهچائي سگهجي ٻي صورت ۾ سندس مڙهه لاوارث ڄاڻائي ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويندو،جيڪي کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيندا.