ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان وڌيڪ قرض وٺڻ ملڪ ۽ قوم سان دشمني آهي، هي قرض وٺڻو جو آسان طريقو ضرور آهي، پر عوام جي فلاح ۽ ڀلائي بدران اشرافيه جي عياشيون تي خرچ ڪيو وڃي ٿو، تاريخ شاهد آهي ته جن ملڪن ڳرا قرض وصول ڪيا اُهي ترقي ڪرڻ بدران هميشه مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ئي ڦاٿل رهيا، انڪري مالياتي ادارن کان وٺڻ ۽ ملڪ کي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جي مذمت ڪريون ٿا، جيڪا حڪومت خود جعلي ۽ چوري ڪيل مينڊيٽ سان وجود ۾ آئي آهي اها عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئين ٿي ڪري سگهي.، جماعت اسلامي ملڪ ۾ شريعت جي نفاذ، اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان توڙي ملڪ ۽ قوم کي آءِ ايم ايف جي غلامي کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي سنڌ جي اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ گذريل فيصلن تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال، چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ ٻين تنظيمي توڙي دعوتي مامرن تي پڻ غور ڪيو ويو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي ناقابل عمل شرطن جي ڪري اڄ ملڪ معاشي، سياسي ۽ اخلاقي بحرانن جو شڪار آهي، بجلي، پيٽرول، گيس سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ مسلسل اضافي عام ماڻهن جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. عالمي مالياتي ادارن کان ڳرا قرض حڪمران ٽولو پنهنجي عياشين لاءِ وٺي ٿو، پر مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدحالي جي صورت ۾ ان جا نتيجا عوام کي ڀوڳڻا ٿا پون، پاڪستان ٺهڻ وقت ڊالر هڪ رپئي جو هو اڄ 280 رپين جو ٿي ويو آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ 80 رپين جو آهي، انڪري آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ملڪ ۽ قوم سان دشمني آهي، وڌيڪ قرض ملڪ ۽ قوم کي سياسي، معاشي بحرانن جو شڪار ڪري ڇڏيندو.