جعلي حڪومت 5 مهينا به نه هلي سگهندي: حليم عادل

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاھرو  ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آھي، موجوده حڪومت جعلي آھي، جيڪا 5 مھينا به نه ھلي سگھندي. ھن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت عمران خان ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀتا خورن اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آھي، انھن کي نه ڇڏينداسين، سنڌ ۾ اسان ايم اين ايز جون 22 ۽ فارم 45 مطابق صوبائي اسيمبلي جون 38 سيٽون کٽيون آھن، پر نتيجا تبديل ڪيا ويا، اسان جعلي مينڊيٽ وارن کان پنھنجون سيٽون واپس وٺنداسين. ھن چيو ته اسان جي جدوجھد جو مقصد عمران خان کي آزاد ڪرائڻ آھي, عمران خان بھادري سان جيل ڪاٽي رھيو آھي. ھن چيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ آر اوز کي بہ ڏسي وٺنداسين. اسان کان بيٽ جو نشان کسيو ويو پر ان جي باوجود مخالف اميدوار پي ٽي آئي جي حمايت يافتہ آزاد اميدوارن جي چونڊ نشان جوتن ۽ واڱڻن کان به ھارائي ويا. ھن چيو ته مونکي جيل ۾ رکندڙن کي به حساب ڏيڻو پوندو. ان موقعي تي پي ٽي آئي حيدرآباد جو چونڊيل ايم پي اي ريحان راجپوت، ڊاڪٽر مستنصر بالله، فيصل مغل، افروز شورو، نازش فاطمہ ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ موجود ھئا. ان کان اڳ پريس ڪلب ٻاھران حليم عادل شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ڌرڻي کي پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.