ڪراچي(م ڊ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بلوچ ڪلچر ڊي ملهايو ويو،پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ بلوچ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو،سبي ۾ به بلوچ ثقافتي ويس وڳا اوڍي ٻاهر نڪري آيا، بلوچستان ۾ برسات جي هاڃن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بلوچ ڪلچر ڊي جي جون تقريبون نه ٿي سگهيون،جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه،ميرپورخاص، نوشهري فيروز، جيڪب آباد،سانگهڙ، خيرپور، مٽياري، مورو،ٽنڊي الهيار ۾ به بلوچ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته هر پاڪستاني ۽ خاص ڪري نوجوانن جو فرض آهي ته هو پاڪستان جي قديم ۽ شاندار ثقافت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن،پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ مريم نواز پاران بلوچ ڪلچر ڊي تي بلوچن کي واڌايون ڏنيون ويون آهن،مريم نواز چيو آهي ته بلوچستان خوبصورت ماڻهن جي خوبصورت ڌرتي آهي، بلوچ ڪلچر ۾ محبت ۽ حب الوطني جا رنگ چٽا نظر اچن ٿا