نصيرآباد(رپورٽ: بشيراحمد بروهي) نصيرآباد جي قومپرست ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جو ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي، استاد هدايت لوهار جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ چوڏهين ڏينھن به نوناري پاڙي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا، جسٽس فار ھدايت الله لوھار ايڪشن ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر سورٺ لوهار، جي يو آءِ اڳواڻ مولوي ياسين ڪانڌڙو، ڪامريڊ عاشق نوناري، سائين اشفاق مسڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مقتول هدايت لوهار جي قتل کي ڪافي ڏينھن ٿي ويا آھن پر نصيرآباد پوليس قتل ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏيون بيٺي آهي، قاتلن جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ پوليس کي ملي چڪا آھن پر افسوس ته نصيرآباد پوليس پنھنجي نااهلي سبب مقتول هدايت لوهار جا قاتل هن وقت تائين ڳولي نه سگھي آهي، ڪافي ڏينهن کان مقتول جون نياڻيون، عورتون، ٻار، سياسي سماجي ورڪر، استاد ۽ شاگرد سراپا احتجاج آھيون پر پوليس کاتي جا اعليٰ عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن، ايندڙ 3 مارچ تي نوابشاھ ۾ مقتول هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪنداسين.