گهوٽڪي ڀرسان ڌاڙيلن جي ڪاهه، نوجوان ٻن ڀائٽين سوڌو اغوا

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي جي گيمڙو ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيلن ڳوٺ تي ڪاهه ڪري ننڊ ستل ٻن ٻارڙن سميت ٽن ڄڻن کي مبينا اغوا ڪري  ويا، گيمڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ منير جٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، گهر ۾ ننڊ ستل 3 ڄڻا مبينا طور تي اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيلن ۾ چاچو ۽ ڀائٽيا شامل آهن، اغوا واري واقعي بعد پوليس اٽالا ڪچي طرف روانا ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته رات جي وقت 10 کان وڌيڪ هٿياربند هٿيارن سان گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ بعد خالد احمد، وقار احمد ۽ شاهد حسين جٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا، واقعي بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس به ڪچي واري علائقي ۾ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.