هڪ ئي شخص کي ايس بي سي اي جو بادشاهه بڻايو ويو آهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول  اٿارٽي جا اختيار هڪ ئي آفيسر حوالي ڪرڻ واري معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ ئي شخص کي ڊي جي ايس بي سي اي جي چارج ڏئي ڪنگ بڻايو ويو آهي، هڪ ئي شخص ڊي جي بڻجي پوري صوبي جو مالڪ بڻيو ويٺو آهي، عدالت ايس بي سي اي ۾ خالي آسامين تي ڀرتين جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايس بي سي اي جا اختيار هڪ ئي آفيسر حوالي ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايس بي سي اي جا اختيار ۽ ڪاري اڇي جو مالڪ ڇا هڪ کي هجڻ گهرجي؟ سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 2020 تائين ايس بي سي اي ۾ هڪ ڪميٽي به هئي جيڪا سمورين شين جو جائزو به وٺندي هئي، ان ڪميٽي جو مدو پورو ٿيڻ بعد ٻيهر فعال نه ڪيو ويو، عدالت رمارڪس  ڏيندي  چيو ته قانونسازي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي نه ته ڊي جي ايس بي سي اي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس بي سي اي ۾ سڄي صوبي ۾ 300 کان وڌيڪ آساميون خالي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.