اهم ٿنڀن جي اڳواڻن اليڪشن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو: زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته اليڪشن ۾ جيڪڏهن آرمي چيف هر پولنگ  اسٽيشن لاءِ فوج ڏئي ها ۽ چيف جسٽس ججن جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي ها ته ٿوري اميد ٿئي ها ته اليڪشن فيئر ٿيندي پر ملڪ جي چار اهم ٿنڀن جي اڳواڻن جي مدد سان اليڪشن کي  تڪراري ڪيو ويو اسان سمجهون ٿا ته هو جعلي اليڪشن ۾ سرپرست ۽ سهولتڪار پڻ رهيا ۽ پنهنجي من پسند پارٽين کي کٽرايو ويو. پي ٽي آءِ هر طريقي سان ديوار سان لڳايو ويو پر ان باوجود پي ٽي آءِ آزاد حيثيت ۾ کٽيو آهي ان جو مطلب ته ملڪ اندر 40 سيڪڙو ماڻهو باغي ٿي چڪا آهن ۽ سسٽم کان لاچاري جو اظهار ڪن ٿا، اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ٻيهر ٿئي، هاڻ بغاوت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به ٿيندي ۽ اها اليڪشن جي صورت ۾ ٿيندي، جيڪڏهن اهڙي نموني سان اليڪشنون ٿينديون ته نوجوان طبقو اليڪشن کان باغي ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.