گوادر شهر آفت سٽيل قرار، تيز برسات وري شروع، متاثرن جا اهنج وڌي ويا، ڌرڻو

گوادر (م ڊ) گوادر کي طوفاني برساتن بعد ڳڻتي واري صورتحال جي ڪري آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي،  گوادر ۽ ڀرپاسي ۾  تيز برسات جاري رهي، نگور ۾ برساتن سبب فصلن جو حفاظتي بند ٽُٽي ويو، جنهن جي ڪري پاڻي گوادر شهر ڏانهن وڌڻ جو خدشو آهي، نگران سڌ سماءِ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي حوالي سان نگران وڏي وزير سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، گوادر ۾ برساتن بعد ڪيترائي علائقا اڃا تائين پاڻي هيٺ آيل آهن، جڏهن ته وڌيڪ برساتن جو به سلسلو جاري آهي، برساتن جي ڪري گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي جمع ٿي ويو، گوادر ۾ تيز برساتن جو سلسلو وري شروع ٿي ويو، اڳ کان به وڌيڪ وڏي نقصان جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي، گوادر جي پراڻي آبادي مڪمل پاڻي ۾ ٻڏل آهي، جڏهن ته نيو ٽائون، شمبي اسماعيل وارڊ، نيا آباد، فقير ڪالوني ۽ ٻيا علائقا انتهائي متاثر آهن، سربندن، پشڪان ۽ ڀرواسي جي علائقن جو گوادر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ميونسپل ڪميٽي چيئرمين گوادر شريف ميانداد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪو به مون سان سهڪار نه پيو ڪري، صرف فوٽو سيشن هلي رهيو آهي، گوادر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، شرف ميانداد جو چوڻ هو ته مان بي وس آهيان، ميونسپل ڪميٽي گوادر وٽ ڪا به مشينري ناهي، ٻئي پاسي برسات سبب متاثر ٿيندڙ شهرين ڌرڻو هنيو،  شهرين جو چوڻ آهي ته اسان کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، ٻار، عورتون ۽ پيرسن ماڻهو بکيا ۽ اڃارا آهن، 3 ڏينهن کان ڪير به سمهي ناهي سگهيو، واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.