اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) شهبازشريف جي وزيراعظم طور نامزدگي واري فيصلي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ن ليگ جو ڪارڪن وڏو مايوس آهي،نوازشريف جي آئوٽ ٿيڻ تي ورڪر ۾ ڏک جي لهر آهي، پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته نوازشريف کي پارٽي جو صدر بڻايو ويندو،ان سلسلي ۾ قانوني رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن، اليڪشن ڪميشن پارٽي چونڊن جي حوالي سان وڏي سختي ڪري ڇڏي آهي، نوازشريف سمورا اهم فيصلا پاڻ ڪندو، پنجاب ڪابينا بابت لسٽ به نوازشريف وٽ پيل آهي،آصف بشير چوڌري جي رپورٽ مطابق ناڻي وزير لاءِ مختلف نالا غور هيٺ آهن، سلطان الانه،اورنگزيب، ڊاڪٽر شمشاد اختر شامل آهن،سينيٽ چيئرمين پ پ وٽ ويندي، اسحاق ڊار سينيٽ چيئرمين نه ٿيندو، هو ايندڙ مهيني رٽائر ٿي رهيو آهي،ليگي اڳواڻ عرفان صديقي چيو ته اسحاق ڊار ٻيهر سينيٽ مان چونڊجي ايندو ۽ ناڻي وزارت کان علاوه ٻي ڪا وزارت کيس نٿي ڀانهين،ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ئي ٿيندو، اعزاز سيد مطابق خبر هلي رهي آهي ته اسحاق ڊار شايد پرڏيهي وزير ٿئي، موجوده ناڻي واري وزير شمشاد اختر کي شايد جاري رکيو وڃي
-
ادارن کي چوان ٿو ته هاڻي ڦرلٽ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي:برگيڊيئر(ر) اسلم گهمن
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي آفيسر جي موجودگي؟ ايوان ۾ چور ڦورو جي نعرن کانپوءِ مايوس ڪندڙ صورتحال،نوازشريف ۽ آصف زرداري جي آمد تي چور چور جا نعرا هنيا ويا، صحافي اعزاز سيد مطابق 800 جي ويجهو پاس گذريل رات ڪينسل ڪيا ويا، ان جي باوجود مهمان گيلري ڀريل رهي، ايم اين ايز، اسيمبلي اسٽاف ۽ ميڊيا وارن پنهنجا پنهنجا ماڻهو آندا، مريم نواز آصفه ڀٽو زرداري سان هٿ ملائي هڪ سٺو پيغام ڏنو جڏهن ته مجموعي طور ايوان ۾ ميمبرن هڪ ٻئي کي نه کيڪاري ناڪاري تاثر ڇڏيو، اجلاس ۾ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سيڪٽر ڪمانڊر ۽ چونڊيل ميمبر برگيڊيئر(ر) اسلم گهمن شرڪت ڪئي، اليڪشن کٽڻ کانپوءِ کيس پنهنجي اداري کنڀي گم ڪيو هو، اسلم گهمن جو چوڻ هو ته اسان کي چونڊ مهم نه هلائڻ ڏني وئي پر ان جي باوجود اسان ڪاميابي حاصل ڪئي، منهنجو ادارن کي پيغام آهي ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي،هن ملڪ سان اسان گهڻو ظلم ڪري ڇڏيو آهي،ادارن ۽ عوام کي چوان ٿو ته جيڪو پئسو ڦرلٽ ڪري ٻاهر موڪليو پيو وڃي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته 2002ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ٿي هئي، مان تڏهن سيڪٽر ڪمانڊر هئس، پ پ پيٽرياٽ ۾ رائو سڪندر، فيصل صالح حيات ۽ ٻيا پاڻ ان ۾ آيا هئا،