ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ برسات جي ايمرجنسي کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران اڄ جمع تي سمورن سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ اڌ ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته سمورن لوڪل باڊيز، اسپتالن، واٽر بورڊ، ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ ڪينٽونمينٽز کي هدايت ڪئي ته هو ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن. وڏي وزير اهڙو فيصلو وزيراعليٰ هائوس، ڪراچي ۾ برسات بابت هڪ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، سيڪريٽري فنانس ڪاظم جتوئي، سينئر ميمبير بورڊ آف ريونيو زاهد عباسي، سيڪريٽري آبپاشي نياز عباسي، ايم ڊي سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ امتياز شاهه، سيڪريٽري صحت منصور عباسي، سي او واٽر بورڊ اسد الله، ڪمانڊر محمد اڪرم، 5-ڪور جي برگيڊيئر انعام الحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته ميئر ڪراچي ۽ ڊويزنل ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان جي موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب 29 فيبروري 2024ع جي رات کان 2 مارچ 2024ع جي صبح تائين گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي. برسات گهڻي پوڻ جو امڪان آهي تنهنڪري شهرين کي احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. ڪراچي ۾ جمعي جي رات 2 وڳي کانپوءِ برسات شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ مختلف مرحلن سبب شهري ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته شهر ۾ پهرين مارچ تي 12 ڪلاڪن دوران 16 کان 32 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي. سنڌ جي وڏي وزير گذريل مهيني برساتن دوران شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جي مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو. هن يونيورسٽي روڊ تي بي آر ٽي ريڊ لائين جي تعمير سبب عوامي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. برسات جي صورتحال سبب وڏي وزير اعلان ڪيو آهي ته جمعي تي ڪراچي جي تعليمي ادارن سميت سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ اڌ ڏينهن موڪل هوندي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب اجلاس کي ٻڌايو ته شهر ۾ 28 پوائنٽس آهن جتي برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو. ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ سخت برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي انهن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي. وڏي وزير سمورن ٽائون چيئرمينن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ الرٽ رهن ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال واري سسٽم کي بهتر بڻائي پنهنجي عوام جو خيال رکن. هن چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم کي هدايت ڪئي ته هو پوليس کي هدايتون جاري ڪن ته هو تيز برساتن جي صورت ۾ ضلعي انتظاميا جي مدد ڪن. ڊي جي پي ڊي ايم اي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ لوڪل باڊيز کي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ضروري مشينري فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته ضرورت پوڻ تي وڌيڪ مشينري ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويندو، مراد علي شاهه ريسڪيو 1122 کي به هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو. سيد مراد علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي آهي ته واٽر بورڊ جي پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وڏي وزير سکر، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته برساتن جي هنگامي صورتحال ۾ سمورا ضروري اپاءَ ورتا وڃن.