اسلام آباد( م ڊ) نگران وفاقي ڪابينا 2019ع کان اٽي جي برآمد تي پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي باوجود اٽي جي برآمد جي اجازت ڏني وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسمگلنگ خلاف سخت قدمن سبب ڪڻڪ جي برآمد ۾ گهٽتائي آئي. ذريعن موجب اٽو افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي وڪرو ڪيو ويندو.