ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ غير قانوني ۽ سرڪاري ادارن جي اجازت کانسواءِ عمارت ٺاهڻ واري ڪيس ۾ٺهيل عمارتن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ڪيترين غيرقانوني عمارتون آهن انهن جو مڪمل رڪارڊ هڪ مهيني ۾ پيش ڪيو وڃي. عمارتون ڪيتري وقت کان ٺهيون ۽ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا اهو به مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، عدالت پاران غير قانوني اڏاوتن جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي کان مدد وٺڻ جو به حڪم ڏنو ڇڏيو، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته غير قانوني عمارتن ۾ ايس بي سي اي جي اجازت کانسواءِ يوٽيلٽي ڪنيڪشن ڪيئن لڳايا ويا، ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته قانون موجب سمورا ادارا گئس، بجلي، پاڻي ۽ يوٽيلٽيز سميت سمورا ڪنيڪشن فراهم ڪندڙ ادارا ايس بي سي اي کان اجازت وٺڻ جا پابند آهن. وڪيل ايس بي سي اي چيو ته ڪو به ادارو نوان يوٽيلٽي ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ وقت ايس سي بي اي کان اجازت نه وٺندو آهي.
-
ڪراچي ۾ دو درياهه وٽ فائرنگ، خوف پکڙجي ويو، جوابدار گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سي ويو دو دريا وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا واقعي جو نوٽيس وٺندي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙن جي نشاندهي بعد ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، شهر ۾ هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ تي سخت پابندي آهي. هن چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن بيج بئنڪ جي تقريب منعقد ڪئي هئي، جنهن جو انعقاد واٽس ايپ ذريعي ڪيو ويو، ان موقعي تي فائرنگ به ڪئي وئي، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. هن جو چوڻ آهي ته پوليس ڪاليج انتظاميا سان به رابطو ڪيو آهي ۽ تقريب کي منظم ڪندڙ شاگردن خلاف ڪاروائي جي سفارش ڪئي آهي ۽ فائرنگ ڪندڙن جي گاڏين جي به تلاشي ورتي وئي آهي.
-
ڪراچي ۾ وڌيڪ تيز هوائن ۽ گاج کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي
ڪراچي(رپورٽر) موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ خميس ۽ جمع تي تيز هوائون گهلڻ ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق ڪراچي ۾ پهرين مارچ تي برسات وسندي، سڄو ڏينهن ۽ رات تائين برسات جاري رهندي، پهرين مارچ کان ٽن ۽ چئن ڏينهن دوران شهر جو گرمي پد گهٽ رهڻ جا امڪان آهن، موسميات کاتي جو چوڻ هو ته سڀاڻي کان ملڪ ۾طاقتور هوائون داخل ٿينديون، جيڪي جمع ۾ملڪ جي مختلف علائقن ۾پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏينديون. جيڪي هفتي تائين جاري رهنديون.
-
احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عمران خان، فيصل جاويد، اسد عمر ۽ ٻيا جوابدار بري
اسلام آباد (م ڊ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيڪشن ڪورٽ اسلام آباد احتجاج ڀڃ ڊاهه بابت ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان، فيصل جاويد، اسد عمر ۽ ٻين کي بري ڪري ڇڏيو، عدالت عمران خان ۽ ٻين جو درخواستون منظور ڪندي اهڙو فيصلو جاري ڪيو، جوابدارن تي 26 مئي 2022ع تي ترنول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.