چين پاڪستان جو 2 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) چين پاڪستان کي ڏنل 2 بلين ڊالرن جي قرض جي مدي ۾ واڌ جي معاهدي جو اظهار ڪندي پاڪستان کي غير رسمي  طور تي ان فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، چين جي شروعاتي طور ان قرض تي وڌيڪ وياج جي شرح جي درخواست ڪئي هئي، پاڪستان هن وقت ان قرض تي 7.1 سيڪڙو جي وياج جي شرح ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو 6 مهينن جي ’سيڪيورڊ اوور نائيٽ فنانس ريٽ پلس 1.715 سيڪڙو‘ جي فارمولي تحت طئي ڪيو ويو آهي.لاڳاپيل عملدارن مطابق چين غير رسمي طور تي قرض رول اوور تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته چين جي ناڻي کاتي پاران باضابطه جواب جو انتظار آهي، هلندڙ سال جي جنوري مهيني ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ قرض جي مدي ۾ هڪ سال واڌ جي درخواست ڪئي هئي، چين کان مليل 4 ارب ڊالرن مان 2 ارب ڊالرن جي واپسي جو مدو هلندڙ سال 23 مارچ تي پورو ٿي رهيو آهي.جنهن لاءِ پاڪستان هڪ سال واڌ جي مهلت گهري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.