صدر نيٺ قومي اسيمبلي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ 29 فيبروري تي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري جي حوالي سان اڄ اجلاس طلب ڪري  ورتو. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين طرفان جاري ٿيل پڌرائيءَ موجب نگران وزيراعظم پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ قانون واري وزارت سان مشاورت مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق ٻه تحت اجلاس گهرائڻ جي منظوري ڏني آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري جي صبح 10 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. هوڏانهن مخصوص سيٽن جي الاٽمينٽ نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي اجلاس گهرائڻ جي سمري رد ڪندڙ صدر عارف علوي نيٺ قومي اسيمبلي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.