اسلام آباد(م ڊ)ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾پي ٽي آءِ باني کي طلب ڪري ورتو، عدالت عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 3 اپريل تي طلب ڪيو آهي، عدالت حڪم ڏنو آهي ته سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني کي عدالت ۾ پيش ڪري، گذريل ٻڌڻي تي وڪيل پي ٽي آءِ باني جي عدالت پروڊڪشن جي درخواست ڏني هئي.