اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سائفر ڪيس ۾ ٻڌايل سزا کي معطل ڪري ضمانت تي آزادي وٺڻ جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، شاهه محمود قريشي درخواست داخل ڪرائي آهي ته آفيشل سيڪرٽريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 9 تحت ڏنل سزا ۾ سازش ۽ گداري ثابت ناهي ٿي، اڳوڻي پرڏيهي وزير طور سائفر حفاظتي ذميواري منهنجي ناهي، پر پرنسپل سيڪريٽري جي هئي، درخواست ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ ان معاملي ۾ اڳ ئي درخواست گذار کي ضمانت ڏئي چڪي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به 2 ڀيرا ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، اڳوڻي پرڏيهي وزير عدالت کي سزا معطل ڪري آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي.
-
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڏي پئماني تي آفيم پوکڻ جو انڪشاف
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڏي پئماني تي آفيم پوکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پاڪستان رينجرز سنڌ، اينٽي نارڪوٽڪس فورسز سان گڏجي ڳجهي اطلاع تي گڏيل آپريشن ڪيو، ڳوٺ باجڪ ٿاڻي غيبي ديري ۾ گڏيل آپريشن دوران 21 ايڪڙن تي پوکيل آفيم جي فصل کي ختم ڪيو ويو، رينجرز ترجمان مطابق 24 فيبروري کان هن وقت تائين ڪاررواين دوران مجوعي طور تي 74 ايڪڙ زمين تي پوکيل آفيم جو فصل ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتارن لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
-
ڪڪڙ جي گوشت جي دڪانن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ تي وفاق طرفان مهلت طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي دڪانن تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ واري معاملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، وفاقي حڪومت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 20 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪڪڙ جو گوشت وڪرو ڪندڙن خلاف غير قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پرائس ڪنٽرول ۽ وڌيڪ منافعي جو جواز بڻائي دڪان سيل ڪيا پيا وڃن.