جاتي ويجهو زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 26 زخمي

جاتي (ن ع آ) جاتي ويجهو ديھ کانٽو ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ڀٽي برادري ۽ راڄا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو  ٿي پيو جهيڙي ۾ گوليون ڪهاڙيون ۽ لٺين جو آزادانه استعمال ٿيڻ سبب نوجوان اسلم پٽ تميم راڄو قتل ٿي ويو، ڀٽي برادري جي ٽن عورتن عائشا، حاجان، حليمان ۽ مجيد ڀٽي، اسلم ڀٽي، شير ڀٽي، يونس ڀٽي، اقبال ڀٽي زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻي ڌر جي راڄا برادري جي عورتن آمنت، ارباب، سڏان، زرينا، نجمه، فرزانا، اعجاز رڄو، نواز رڄو، غلام راڄو، مومي راڄو، شريف راڄو، ڀونگر راڄو، صديق راڄو، مبارڪ راڄو، الهڏنو راڄو، دلدار راڄو، مريد راڄو، خالق راڄو سميت ڌرين جا 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 12 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ڪراچي ريفر ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.