پراڻو وزيراعليٰ ۽ پراڻيون اميدون

تحرير: رياض ابڙو 

هاڻي مرڪز جي هٿ ڪڍي وڃڻ جي ڪري جيڪي به ترقياتي ڪم ٿين ٿا اهي صوبائي حڪومتن جي مدد سان ڪيا ٿا وڃن. ان ڪري هاڻي جي ڪڏهن 16 هين سنڌ اسيمبليءَ جي وزيرن جي حلف نامي جي ڳالھه ڪيون ته انهن کان حلفيا اهو به پڇجي ته هنن  ترقي ۽ معاشي واڌاري ۾ دنيا کي ڇڏيو پر پنجاب جيتري ترقي ڪرائي سگهيا آهن؟ انهن کان سوال اهو به آهي ته ڇا صوبي اندر پيپلزپارٽيءَ جي رڳو 88، 93 يا ان کانپوءِ وري 2008 کان وٺي مسلسل سنڌ اسيمبليءَ جون سيٽون ڪنهن سرڪاري نوڪري وانگي هنن جي حوالي آهن ته اهي پيپلزپارٽيءَ وارا صوبي اندر ڇا ۽ ڪهڙي ترقي ڪرائي سگهيا آهن؟ مثال پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان وٺي، صحت جي مرڪزن ۾ اهي سڀ گهربل سهولتون ڏئي سگهيا آهن، ۽ صحت جي ننڍڙن ننڍڙن مرڪزن ۾ دوائون جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهيا آهن؟ شهرن ڳوٺن ۾ اهي هوائي اسپري به نه ڪرائي سگهيا هوندا.

تعيلم جو حشر برو آ، تعليمي ادارا جيڪي پيسا وٺي تعليم ٿا ڏين، انهن وٽ ائين به آهي ته جيترو ڳڙ وجهندئو اوتري چانهھ مٺي ٿيندي. ان ڪري اهي غريب ماڻهو ڪاڏي وڃن جن جا ٻار ڪالي، پيلي ۽ نيلي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. انهن جي تعليمي معيار جي ڳالھه به پنهنجي جاءِ تي، پر انهن ٻارن جا ”ايجوڪيشنل پروفائيل“ ان ليول تي نه ٿا پڄي سگهن. ان ڪري ته اسڪولن جا نظام ۽ نصاب ٻه الڳ الڳ فنامنائون آهن. هاڻوڪن وزيرن ۾ اها ڳالھه اميدي سگهجي ٿي ته اهي پنجاب جي ليول جا نظام ۽ نصاب آڻين. ان ڪري جو اتي فيڊرل بورڊ، ڪيبرج بورڊ ۽ آغا خان بورڊ وڏي پيماني تي ڪم ٿا ڪن. ان ساڳي تناظر هاڻوڪن ڪراچي جي بورڊن جي ڳالھه ڪري وٺون ته ڪيئن اهي تعليمي بورڊ ڪلور ڪيون ويٺا آهن. اهي بورڊ ڄڻ ته ٻين خانگي تعليمي بورڊن جي بزنس ٿا وڌائين، پر ڏچو اهو به آهي ته جي اهي ساڳيا ئي خانگي اسڪول هاڻي ڪراچي بورڊ سان لاڳاپيل رهيا ته اهي سڀ اسڪول پنهنجي افليئيشن ختم ڪري ويندا ۽ پنهنجن ٻارن کي انهن اسڪولن مان ڪڍي ٻين اهڙن اسڪولن ۾ داخل ڪرائيندا جن اسڪولن جي افليئيشن ڪراچي بورڊ کان علاوه ٻين بورڊن سان هوندي، ته پوءِ انهن غريب اسڪولن جي ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري هاڻوڪي عوامي وزيراعلي جو اهو به فرض آهي ته هو انهن سڀني ڳالهين تي ڌيان ڏئي جيئن عارضي وزيراعلي انهن ڳالهين تي ڌيان ڏئي ويو ۽ ترت اپاءَ به ورتائين.

شهر سميت صوبن جي ٻين شهرن ۾ ترقي جو حال ڪاغذن ۾ ڀلو آهي، پر زميني حقيتون اهي به آهن ته اين ايف سي ايوارڊ جا اربين روپيا ملڻ جي باوجود به انهن علائقن ۾ ترقي جا ڪم نه ٿا، مثال پڪن شهرن جي ترقي جو اسڪيل ٻيو آهي ۽ ڳوٺن ۾ ترقي جو اسڪيل ٻيو آ. زرعي سيڪٽر ۾ روزگار جا مسئلا ٻيا هجن ٿا ۽ صنعتي سيڪٽر ۾ مسئلا ٻيا هجن. شهرن ۾ ووٽرن ڪڏهن به اهو احتجاج يا گهُر ناهي ڪئي ته شاهراهه فيصل جي مرمت نه ٿي ته اهي پيپلزپارٽي کي ووٽ نه ڪندا يا آر او پلانٽ جي هن ڀيري به ڪم نه ڪري سگهيا ته اهي جماعت اسلامي کي ووٽ ڪندا. پر شهرن جي پيھه ۽ صنعتي ترقي صوبائي ۽ وفائي حڪومتن کي اهو زور ضرور ڀريندي آهي ته اهي اهڙا سڀ ڪم مهل سان ڪن ۽ ترت به ڪن. شهرن ۾ ڦهليل ۽ رُوليل ڪم به ان ڳالھه جا گهُرجائو آهن ته اهي مهل سان اڪُلايا وڃن، جن ۾ شهري روڊ کنڊر ۽ تباھ حال آهن. جيڪي ماڻهو لاهور ۽ اسلام آباد گهمي اچن ٿا، اهي ان ڳالھه جي شڪايت ضرور ڪندا هوندا ته سنڌ جا شهر اڃان تائين اها ترقي ناهن ڪري سگهيا، جيڪا ڪرڻ گهربي هئي.

ٻي مصيبت اها به آهي ته هڪ روڊ تي اربين روپيا ائين ئي ساڙيا ٿا وڃن جو هر حڪومت هر دور ۾ يونيورسٽي روڊ تي اربين روپيا هاريا ٿا وڃن وري ٻيو دور ٿو اچي ته اهو روڊ ساڳو کڏون ۽ کوٻا. جڏهن به بارشون ٿيون وسن ته اهي روڊ اهڙا ٻڏي ٿا وڃن جو وري ظاهر ئي ناهن هوندا. وري انهن جي بجيٽ هر دور ۾ ڪڍڻي ٿي پئي. مڃون ٿا ته اسان ”ڊولپنگ ڪنٽري“ آهيون. سموري زندگي روڊن تان ڪِنُ ڪچرو، مٽي، ڌوڙ ۽ مٽيريل ختم نه ٿيندو. ان ڪري جي اهڙا ترقياتي ڪم جيڪي پنجاھ سالن تائين ثابت ٿي هلن ته پوءِ سرڪاري آفيسر پنهنجا گهر ڪيئن هلائن؟. ان ڪري ته هر ترقياتي ڪم کان اڳ اهي سڀ ٺيڪدار ۽ سرڪاري ڪامورا پنهنجا پنهنجا ڪم سڌ ڪندا آهن، پوءِ اهو ترقياتي ڪم جيترو هليو. هر بيجٽ ۾ روڊ نئون ته اهڙي ترقي ڪندڙ ملڪ جي عام ماڻهن جو پيسو پوءِ اجايو وهايو ٿو وڃي.

اها ڳالھه ته رهي شهرن جي، پر ڳوٺن جي ترقي جو اسڪيل ٻيو آهي، ان ڪري ميداني علائقن ۾ جَرَ جو پاڻي ته هجي ٿو، پر جٿي جٿي صاف ۽ مِٺو پاڻي پڄائڻو هجي ٿو، اتي اتي سرڪاري ادارا ڪم نه ٿا ڪن. انهن علائقن ۾ صحت جي مرڪزن کان وٺي، تعليمي ادارن تائين ۽ روڊ رستن کان وٺي ٻين مسئلن تائين جيڪي به مسئلا معاملا هجن ٿا. ان کان وڌيڪ ڌيان طلب اهي درياءَ، واھ، نديون، واهڙ، نيهون، ڪينال ۽ پاڻي جا وهڪرا هوندا آهن، جن بجيٽ کاڄي ٿي وڃي. اهي ايريگيشن جا ڪامور پنهنجا گهر پڪا ڪري ٿا ويهن، پر اهي سڀ پاڻيءَ جا وهڪرا ڀُتا ۽ ڪمزور رهجي ٿا وڃن،

هيل واري عام چونڊن ۾ ڀلي ڪيتري به انجنيئرنگ هئي پر ماڻهن کي ان ڳالھه جي اميد آهي ته اهي نمائندا ڪنهن به پارٽي جا هجن پر انهن ۾ رڳو پاڻ بچائڻ ۽ پاڻ لاءِ وڙهڻ ۽ پنهنجي ڪرپشن جا ڌنڌا وڌيڪ موئثر ڪرڻ واري ڳالھه نه هجي، پر اهي هيل عام ماڻهن جي روزگار، صحت، تعليم ۽ انهن جي عام بهبود وارين ڳالهين لاءِ مرڪز سان وڙهندا. جيڪي به اين ايف سي ايوراڊ ۾ پيسا ملندن ته اهي صوبائي حڪومتن جي ذريعي ان ماڻهن تائين پڄائيندا جو انهن ماڻهن جي زندگي سُکي ٿي سگهي. ان ڪري صوبي جي ساڳي وزيراعلي مان به ساڳيون اميدون آهن ته هو هاڻي گهٽ ۾ گهٽ صوبي جي ماڻهن کي هڪ اک سان ڏسندو ۽ ترقي جي شرح ۾ واڌارو آڻيندو ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي ممڪن ڪندو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.