انتهاپسندي جو چوٽ چڙهيل لاڙو، ذميوار ڪير؟

انساني زندگي بظاهر جيڏي سخت،پيچيده ۽ مشڪل آهي سا سٺي سوچ، اعليٰ حڪومتي نظام سان بيحد سهنجي ۽ آدرشي به بڻائي سگهجي ٿي ۽ هن دنيا  جي گولي تي خاص ڪري يورپ جي ملڪن ته آدرشي، خوابن جهڙي سهنجي زندگي ٺاهي به ڏيکاري آهي. اهو سڀ سوچڻ ۽ زندگي جي سخت ترين تجربن ۽ مشاهدن مان سکڻ جو نتيجو آهي.

هن وقت جيڪڏهن پنهنجي ملڪ جي مجموعي صورتحال کي ڏسون ته هتي سڀ کان وڏو مسئلو ”بيڊ گورننس“ جو آهي جنهن رياست جي سڀني پاسن کي ڪمزور ڪري وڌو آهي. لاقانونيت جو هتي راڄ رهيو آهي. بدي جون طاقتون جڏهن ۽ جتي چاهين ڪابه ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿيون. لاقانونيت جي ڏيهه ۾ ڪرائيم چوٽ چڙهيل هوندو آهي.  بحران مٿان بحران هوندا آهن جيڪي ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي ناهن وٺندا.

انهن سڀني براين سان گڏ جنهن رويي اسان جي سماج کي باهه ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي سو رويو آهي ”انتهاپسندي“ جو، اها انتها پسندي سڀني شعبن ۾ ڪاهي پئي آهي، ڪو به شعبو ان کان بچيل ناهي. عام طور اها انتها پسندي قدامت پرستن، رجعت پرستن، عقيدت پسندن ۽ بنياد پرستن جي سڃاڻپ سمجهي ويندي آهي پر هاڻي ان جو دائرو ترقي پسند، روشن خيال ڌرين ڏانهن به وڌي ويو آهي جنهن ڪري انتهاپسنديءَ سڄي سماج کي وڪوڙي چڪي آهي.

سوال هاڻي اهو ٿو پيدا ٿئي ته  انتهاپسندي کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ پهرين ذميواري رياست، ٻي ذميواري حڪومت ۽ ٽين ذميواري روشن خيالي ترقي پسند ڌرين جي آهي ته اهي اعتدال پسند، جمهوري، قانون جي بالادستي وارو سماج اڏڻ ۾ پنهنجو فيصلائتو ڪردار ادا ڪن. جيڪڏهن رياست ۽ حڪومت ئي انتها پسند هوندي، عوام دشمن هوندي ته ان جون پاليسيون به انتهاپسند هونديون. انهن انتهاپسند رياستن ۽ حڪومتن ڪري ئي سڄو سماج انتها پسندي جي ور چڙهي ويندو آهي.  وري جيڪڏهن انهن انتهاپسند رياست ۽ حڪومت جا پيرا کڻبا ته اهي سامراجي طاقتن ڏانهن ويندي نظر ايندا.

سو اصل مسئلو سوچ ۽ پاليسي جي فقدان ڏانهن ويندو. اسان بي شڪ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪئي آهي پر فڪري ۽ نظرياتي طور زوال پذير ٿيندا رهيا آهيون. هاڻي گارين واري ٻولي جيڪا عام ماڻهو بازارن ۾ ڳالهائيندا هيا سا اسان جا وزيراعظم، وڏا وزير ۽ سياستدان عام جلسن ۽ ٽي وي انٽرويوز ۾ ڳالهائيندي نظر ايندا آهن. بدتميزي جو طوفان رڳو فيس بڪ جي بدنامي جو حوالو ناهي رهيو پر هاڻي اهو رياستن، حڪومتن ۽ اقتداري ايوانن جو به شرم جوڳو حوالو بڻجي ويو آهي.

اها انتهاپسندي جي باهه جنهن سماج کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي تنهن کي وسائڻ لاءِ اعليٰ سامراجي، رياستي ۽ حڪومتي سطح تي سڌارو آڻڻو پوندو. اهو سڌارو هيٺان کان نه پر مٿان کان آڻڻو پوندو. وڏن وڏن ملڪن کي رواداري، محبت ۽ دوستي جا مثال قائم ڪرڻا پوندا. جنگيون ۽ دشمنيون ختم ڪرڻيون پونديون جيڪي ”انتها پسند“ روين مان ڦٽي نڪرنديون آهن.

اها افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته هاڻي عام ماڻهن ۽ رياستن حڪومتن جي خسيس روين ۾ ڪو فرق ناهي رهيو. انتها پسندي هر سطح تي آهي باوجود ان جي ته هي مذهب، اخلاقي سبق، تصوف ، ادب، سياسي، سماجي نظريا سڀ آئيڊيل ۽ رهڻ جوڳي دنيا قائم ڪرڻ لاءِ سرجيا ويا آهن پر عملي طور اڄ به جهالت، ظلم، ناانصافي، استحصال جو راڄ قائم آهي. جنهنجو مطلب اهو ٿيو ته مذهب، نظرين، اخلاقيات ۽ تربيتن جو عملي طور مظاهرو نه ٿي رهيو آهي. ذاتي مفادن ۽ انائن کي هر سطح تي اوليت ملي رهي آهي. جنهن سماج جي اخلاقي معيار کي ڪيرائي وڌو آهي. ان لحاظ کان اسان سڀ سماج جي ڪريل معيار جا ذميوار آهيون. سماج جي اخلاقي معيار جي پستي جيڪا رياستن ۽ حڪومتن کان ٿيندي عام ماڻهن تائين پهچي ٿي تنهن کي ختم ڪرڻ جي آخري ذميواري رياستن ۽ حڪومتن جي آهي پر اهو به نه وسارڻ گهرجي ته رياستون ۽ حڪومتون هلائيندڙ به هن سماج جي ماحول جو حصو آهن ۽ هن سماج جي پيداوار آهن. سو مجموعي طور تي به هن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ انتها پسندي کي ختم ڪرڻ جو شعوري طور سوچڻو پوندو.

سوچ اصل ۾ سوچڻ سان وڌندي آهي. خالي عمر وڌڻ سان سوچ پيدا نه ٿيندي. اسان کي بس سوچڻو آهي ته انتهاپسندي کي ڪيئن ختم ڪجي. ڪا به رياست يا حڪومت سوچيندي ۽ ڪجهه ڪرڻ چاهيندي ته اها درست رخ ۾ ڪجهه ڪري به سگهندي. سو پهرين مرحلي ۾ رياستن ۽ حڪومتن کي اهو سوچڻو پوندو ته انتهاپسندي وڌڻ جا ڪهڙا سبب آهن، ٻيو ته اهي ان انتهاپسندي کي ختم، ڪرڻ گهرن به ٿيون يانه. جيڪڏهن رياستون ۽ حڪومتون انتهاپسندي جي خاتمي بابت سوچينديون ئي نه ته پوءِ اها انتها پسندي ڪيئن ختم ٿيندي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.