ڪراچي (رپورٽ): حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ شهري طرفان فائرنگ ڪري قتل ٿيل مبينا ڦورو جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، ٻئي مبينا ڦورو جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مبينا ڦورو 18 ورهين جي عبدالخالق جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، 23 ورهين جي مبينا جوابدار عبدالرحمان جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته عبدالرحمان کي 3 گوليون لڳيون، جسم جي مختلف حصن تي زخمن جا نشان آهن، عبدالرحمان 11هين درجي جو شاگرد هو ۽ گارمينٽس فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، جڏهن ته سندس ٻه ڀائر لانڍي ۾ مسجد جا امام آهن. قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مارجي ويل جوابدار ويجها دوست هئا ۽ جمع ڳوٺ جا رهواسي هئا، عبدالخالق جي ڀاءُ عبدالرحيم ٻڌايو ته مان ۽ منهنجو ڀاءُ عبدالخالق 5 مارچ 2024ع تي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ وارا هئاسين، پوليس عبدالرحيم کي ٻڌايو ته وحيد نالي هڪ شهري ٻن مبينا ڦورن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو،پوليس اختيارين موجب مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار، موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ڪورنگي واقعي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.