سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾هڪ سال جي  ٻارڙي سميت 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڊي آءِ جي کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت گم ٿيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ سمورا اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گم ٿيل شخص جي سفري تفصيل جي رپورٽ به طلب ڪري ورتي، عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هڪ سال جو ٻارڙو ڪرشنا برگيڊ جي علائقي مان گم ٿيل آهي، هن وقت تائين آزادي لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئيم عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻارڙي سميت ٻين شهرين جي آزادي لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا ويا؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته 29 جي آءِ ٽيز ۽ 17 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آهن.عبدالرحمان ڪلري جي علائقي مان 2015ع ۾ گم ٿيو هو پر ڪيس 2016ع ۾ داخل ڪيو ويو، شهري جي ڳولا لاءِ سڄي ملڪ جي لاڳاپيل ادارن کي خط لکيا ويا آهن، عدالت چيو ته گهرو سيڪريٽري جي صحيح نه ٿيڻ سبب درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪيون ٿا، گهرو سيڪريٽري کي چيو وڃي ته جلد کان جلد گم ٿيل ماڻهن جي فائلن تي صحيح ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سٺو نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.