ڪي پي ۾ دهشتگردن جو حملو، ايس پي شهيد، ڊي ايس پي سوڌو 3 اهلڪار زخمي

مردان (م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ايس پي ٿڏي تي شهيد جڏهن ته  ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، ريسڪيو 1122 موجب مردان جي تعلقي ڪانلنگ جي علائقي ززمنه ۾ دهشتگردن طرفان پوليس تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ گولي لڳڻ سبب ايس پي اعجاز خان شهيد ٿي ويو جڏهن ته ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا آهن. گذريل رات دير سان ساڍي 3 وڳي واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جي ٽيم ايمبولينس ۽ ميڊيڪل عملي سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتي جتي امدادي ٽيم زخمين کي شروعاتي طور تي طبي امداد ڏيندي ٽي ڊي ايڇ ۽ ايم ايم سي منتقل ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ اهلڪارن ۾ ڊي ايس پي نسيم خان، منصور ۽ سليم شامل آهن، ايس پي اعجاز خان جي جنازي نماز مردان ۾ ادا ڪئي وئي. ڊي آءِ جي مردان ريجن سليمان خان، ڪمشنر مردان شوڪت خان يوسفزئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر فياض شير پاوون سلامي پيش ڪئي. ايس پي اعجاز خان شهيد جي لاش سندس اباڻي علائقي شير پائو منتقل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.