نھ رڳو مقامي يا علائقائي سطح تي پر عالمي عدالت ۾ بھ انصاف مھانگو آھي.ان جو مثال ھي آھي تھ انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطين جي ڪيس جي سماعت مڪمل ٿي وئي آھي،پر ان جي فيصلي ۾ 6 مھينا لڳي ويندا،اسرائيل ان فيصلي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پابند نھ ھوندو.
غزا، اولھه ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس تي اسرائيل جو 57 سالن جو قبضي خلاف انصاف جي عالمي عدالت ۾ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي آهي.گڏيل قومن جي درخواست تي اھا ٻڌڻي ٿي، 8 ڏينهن تائين جاري ان ٻڌڻي ۾ 52 ملڪن جي وڪيلن 15 ججن جي پينل آڏو پنهنجا دليل ڏنا.ٻڌڻي ۾ عرب ليگ اسرائيلي قبضي کي عالمي انصاف جي توهين قرار ڏنو.عرب ليگ جي نمائندن جو چوڻ هو ته فلسطيني سرزمين تي قبضي جو ڪو به قانوني ۽ اخلاقي جواز ناهي، اسرائيلي قبضي جو خاتمو ئي امن جي ضمانت آهي، اسرائيل فلسطينين تي نسلي تسلط قائم ڪرڻ جو ڏوھ ڪري رهيو آهي، فلسطيني سرزمين تي يهودي رياست قائم ڪرڻ لاءِ فلسطينين کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.عرب ليگ جي نمائندي پنهنجي دليلن جي پڄاڻي، شهيد ٿيل فلسطيني شاعر جي شعر سان ختم ڪئي ۽ چيو ته ”جيڪڏهن مان مري وڃان ته توکي منهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ جيئرو رهڻو پوندو“.رپورٽ موجب اسرائيلي قبضي تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا.
انصاف جي عالمي عدالت ۾ 22 عرب رياستن جي نمائندگي عبدالحڪيم الرفائي ڪئي. فلسطيني سرزمين تي اسرائيلي قبضي کي ھن عالمي انصاف تي وار قرار ڏنو، الرفائي جو چوڻ ھو ته جيڪڏهن فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضي خلاف عالمي قانون تي عمل ممڪن نه ٿيو ته ان جو نتيجو ’نسل ڪشي‘ جي صورت ۾ نڪرندو.
انصاف جي عالمي عدالت ۾گڏيل قومن جي درخواست تي سماعت ٿي.ڪل 52 ملڪن گڏيل قومن ۾ فلسطيني علائقن تي اسرائيلي قبضي بابت شڪايت داخل ڪئي هئي.
هيگ ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ ٻڌڻي جي آخري ڏينهن تي عرب رياستن جي تنظيم جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته فلسطيني سرزمين تي اسرائيل جو ڊگھو قبضو عالمي انصاف سان جي ابتڙ آهي.ٻڌڻي دوران اڪثر مقررن مطالبو ڪيو ته اسرائيل 1966ع جي عرب اسرائيل جنگ دوران قبضي ڪيل فلسطيني علائقا واپس ڪري. ياد رھي تھ آمريڪا گذريل هفتي چيو آهي ته اسرائيل قانوني طور تي "حقيقي سيڪيورٽي گهرجن” تي غور ڪرڻ کان سواءِ اهڙي ڪنھن مطالبي جي تعميل ڪرڻ جو پابند نھ آهي.
ترڪي جي نمائندي احمد يلديز انصاف جي عالمي عدالت کي ٻڌايو ته ”جيڪڏهن معاملي کي ايئن ئي ڇڏيو ويو ته نه رڳو علائقائي سلامتي کي خطرو ٿيندو پر عالمي امن ۽ سلامتي به متاثر ٿيندي.“ياد رهي ته انصاف جي عالمي عدالت کي گڏيل قومن پاران چيو ويو آھي ته هو اسرائيلي قبضي سبب پيدا ٿيندڙ ”قانوني مسئلن“ تي پنهنجي ”مشاورتي راءِ“ ڏئي.
چيو پيو وڃي ته انصاف جي عالمي عدالت هن سال جي آخر تائين گڏيل قومن کي ان بابت پنهنجي مشاورتي راءِ پيش ڪري ڇڏيندي.پر اسرائيل ان راءِ تي عمل ڪرڻ جو پابند نه هوندو.
انساني حقن جي عالمي تنظيم هيومن رائٽس واچ اسرائيل تي الزام لڳايو آهي ته هو انصاف جي عالمي عدالت جي غزا ۾ امدادي سامان پھچائڻ کي يقيني بنائڻ واري فيصلي کي نظرانداز ڪري رھي آھي.گذريل مهيني انصاف جي عالمي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اسرائيل کي چيو ھو ته فوري ۽ موثر قدم کڻي غزه جي پٽي ۾ انساني امداد جي فراهمي کي ممڪن بڻائي.ٻئي پاسي اسرائيل اھڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آھي.