سنڌ صوبي جون واڳون نيٺ نگران کان پ پ جي چونڊيل سرڪار حوالي ٿي ويون آهن، سنڌ اسيمبلي مان 112 ووٽ کڻي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي سنڌ جي عوام جي مسئلن جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي انهن کي حل ڪرڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف سنڌ صوبي ۾ اليڪشن هارائيندڙ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس، جميعت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، مهاجر قومي موومينٽ، ۽ ٻيون ڌريون چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻندي روڊن تي آهن، ته ٻئي طرف وري چونڊ عمل کي مڪمل ڪري پ پ سرڪار جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر کان قسم کڻي حڪومتي واڳون پاڻ سنڀالي ورتيون آهن.
پ پ سرڪار عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها چونڊ هارائيندڙ کي به گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي، اقتدار جي منتقلي وارو مرحلو گورنر هائوس ۾ مڪمل ٿيو جتي گورنر ڪامران خان ٽسوري سيد مراد علي شاهه کان حلف ورتو، سنڌ صوبي، عوام توڙي آئين سان وفاداري جو قسم کڻڻ لاءِ گواهه طور پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، پ پ جي سنيئر اڳواڻ سيد قائم علي شاه، اسپيڪر سيد اويس شاه، سيد سردار علي شاه، فريال ٽالپر، عذره پيچوهو ، شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر شاه، آغا سراج دراني، امتياز شيخ، ارباب لطف الله، ضياءِ لنجار، فقير شير محمد بلالاڻي ، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخرعالم ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ، جنهن کانپوءِ سنڌ سرڪار نگران ڪابينا جي خاتمي جي نوٽيفڪيشن جو اعلان ڪندي سيد مراد علي شاهه کي نوٽيفيڪشن ذريعي مهر هڻي صوبي جو قانوني سرواڻ بڻائي ڇڏيو آهي، ان سان سان گڏ سنڌ سرڪار نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي گارڊ آف آنر سان الوداع ڪيو آهي.
سنڌ جي عوام جو ڳرو بار وري ڳري اڪثريت سان ڪامياب ٿيل ڪلهن تي آيو آهي، سنڌ جو ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيل مراد علي شاهه عوام لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا جو اعلان ڪندي چيو ته ان ايجنڊا تي عمل به شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت، سوشل پروٽيڪشن، صاف پاڻي جي فراهمي، هاري ڪارڊ، مزدور ڪارڊ، 2 لک غريبن کي 300 يونٽ سولر تحت بجلي، هر ضلعي ۾ يوٿ سينٽر، منشيات جو خاتمو ۽ بي آءِ ايس پي پروگرام تي عمل، ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو شهرن مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، مراد علي شاهه سنڌ جي عوام کي يقين ڏياريو آهي ته پ پ اهڙي ڪارڪردگي ڏيکاريندي جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ اڳ کان به وڌيڪ ۽ 100 کان وڌيڪ سيٽون کڻندي، اهڙي طرح نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ملڪي واڳون بلاول ڀٽو حوالي ڪيون وڃن ته پوءِ ڏسو ته نه رڳو پاڪستان پر ڪشمير ۽ فلسطين سميت مسلمانن جا مسئلا حل ڪيا ويندا ان کانسواءِ اسلامي بلاڪ ٺاهڻ کان به پ پ قيادت کي ڪير روڪي نه سگهندو، ان جا مثال پ پ قيادت وٽ موجود آهن.
پ پ پاران چونڊرايل وڏي وزير مراد علي شاهه جتي سنڌ جي ترقي جو پلان ڏنو ته اتي وري پ پ جي سينيئر قيادت مخالف ڌر کي نشانو بڻائڻ سان گڏ انهن کي گڏ کڻي هلڻ جو مکڻ پڻ ڏنو، ائين کڻي چئجي ته پ پ جي سينيئر اڳواڻ قائم علي شاهه قيادت جي لائين تي مخالف ڌر کي مذاق جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته انهن ڪهڙا ڦاڙها ماريا جو انهن کي ايتريون سيٽون مليون يا ايتري وڏي انگ ۾ سيٽون کڻي آيا، سندس جملن تي پ پ جي قيادت به مسڪرائيندي رهي ۽ ايم پي ايز توڙي ايوان ۾ مهمان ڪري گهرايل جيالن ٽهڪ ڏئي مخالفن کي ٺٺول جو نشانو بڻايو انهي موقعي تي وري پ پ جي مرڪزي قيادت فريال ٽالپر مخالف ڌر کي نشانو بڻائيندڙ قائم علي شاهه کي بزرگ ڪوٺيندي چيو ته سندس ڳالهين کي دل تي نه ورتو وڃي، اسين مخالفن کي به گڏ کڻي هلنداسين اهو مخالف ڌر کي لالي پاپ ئي نظر آيو، هڪ طرف مخالف ڌر کي اکيون ڏيکارڻ ۽ ٻئي پاسي وري انهن کي گڏ کڻي هلڻ وارين ڳالهين کي ڊبل گيم ئي چئي سگهجي ٿو، هاڻي اهو عوام کي ڏسڻو آهي ته ڪير ڪيترو سچ پيو ڳالهائي ڪير ڪيترو ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو اختيار ڪيو ويٺو آهي.
سنڌ جي عوام جو ڳرو بار وري ڳري اڪثريت سان ڪامياب ٿيل ڪلهن تي آيو آهي، سنڌ جو ٽيون ڀيرو وڏو وزير ٿيل مراد علي شاهه عوام لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا جو اعلان ڪندي چيو ته ان ايجنڊا تي عمل به شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت، سوشل پروٽيڪشن، صاف پاڻي جي فراهمي، هاري ڪارڊ، مزدور ڪارڊ، 2 لک غريبن کي 300 يونٽ سولر تحت بجلي، هر ضلعي ۾ يوٿ سينٽر، منشيات جو خاتمو ۽ بي آءِ ايس پي پروگرام تي عمل، ڪچي مان ڌاڙيلن جو خاتمو شهرن مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي،