سياست جي سرحد

تحرير: امر جليل

جيڪڏهن اوهان تاريخ جا شاگرد آهيو ۽ سيرسياحت جا شوقين آهيو ته پوءِ ڪراچي جي جديد تاريخ ۽ جاگرافي جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي جو رخ نھ ڪجو.توهان جو مٿو چڪرائجي ويندو، اوهان گھٻرائجي ويندا. پنهنجو سينو چيري ڇڏيندئو، پنھنجا  وار پٽي ڇڏيندئو.  اوهان جي سمجهھ ۾ نھ ايندو تھ، اوهان پنهنجي ملڪ جي ڪهڙي شهر جي روڊن ۽ گھٽين ۾ ڀٽڪي رھيا آھيو يا ڪنھن  وچ اوڀر، ايران يا ترڪي جي ڪنهن شهر ۾ ڀٽڪي رهيا آهيو. اوھان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو. ھونئن به ڪيتريون ئي ڳالھيون اسان جي سمجھه ۾ ناهن اينديون. ائين بھ ناهي ته اسان پاڪستانين  جي سمجهه جو خانو خالي آھي.اسين سڀ سمجھون ٿا،ڄاڻون ٿا، پر ڇا ڪريون جو 76 سالن دوران سياستدانن جي اٿل پٿل ڏسي اسان جي پنهنجي مت مري وئي آهي.ستن ڏهاڪن کان اسان سياسي ڊراما ڏسندا پيا اچون.پر مجال آھي جو اڄ تائين پردي پويان موسيقي ڏيندڙ ڪنهن هڪ ميوزڪ ڊائريڪٽر جي نالي۽ ڪم جو پتو پيو ھجي.ڪٺ پتلي سياستدانن جي ڪنڌ ۾ ٻڌل ڏور اصل ۾ڪنھن ھٿ جي آڱرين جي وس ۾ آھي، ان معاملي ۾ اسين کک پوڙھا ڪجهھ نٿا ڄاڻون.جڏهن ته  ملڪ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته ڪٺ پتلي سياستدانن جي ڪنڌ ۾ ٻڌل ڏور جو ٻيو سِرو ڪنهن جي هٿ ۾آهي.

جيتري قدر منھنجي پنھنجي ڳالھھ آھي ،جڏھن پاڪستان ٺهيو تڏهن مان پنھنجو ننڍپڻ گھڻو پوئتي ڇڏي آيو هوس.پاڪستان جڏھن ٺهيو ھو،تڏھن مان ٻار نھ ھوس.انڪري مان نٿو ڄاڻان تھ پاڪستان  جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي تقرير نشر ٿيڻ بعد جڏھن شايع ڪرڻ جي لاءِ اخبارن کي موڪلي پئي وئي،تڏھن قائداعظم جي تقرير ڪنھن  ايڊٽ ڪئي ھئي يعني ڪنھن قائداعظم جي تقرير ۾ ڪاٽ ڪُوٽ ڪئي ھئي.اھڙي نوعيت جون ڳالھيون پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو.پڪا پوڙھا ڪجھه نٿا ڄاڻن.اوهان کي حيران پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي، اها راز جي ڳالھھ آهي. مون کان سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا کک پوڙھا جيڪي سفر جو سامان ٻڌي ويٺا آهن، سي  ان راز کان واقف آهن.

مان ان راز تان پردو کڻان ٿو،مان،توهان کي ٻڌايان ٿو ته ٻار، جڏهن ٻار ھوندا آھن تڏھن اھي ڄاڻندا آھن تھ ڪٺ پتلي سياستدانن جي ڪنڌ ۾ٻڌل ڏوري جو ٻيو سِرو ڪنهن جي  ھٿ ۾آهي ۽ اھو هٿ ڪنهن جو آهي.هاڻي مان راز ظاهر ڪريان ٿو. ڳالهه ڪجهھ ھئين آهي ته ٻار جڏهن ٻار ناھن رهندا ۽ جوان ٿي ويندا آھن،تڏھن اھي وساري ويهندا آھن يا ڄاڻي واڻي وساري ڇڏيندا آهن ته ڪٺ پتلي سياستدانن جي ڪنڌ ۾ وڌل ڏور جو ٻيو حصو ڪنھن جي ھٿ ۾آھي.ياد رهي ته ڳچيءَ ۾پيل ڏور ڦاھي جي ڦنديءَ کان گھٽ ناھي ھوندي .فرق رڳو ايترو ھوندو آھي ته جڏهن ڦاھي جو ڦندو ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آھي .تڏھن  توهان ڪاٺ جي اوچي تختي تي بيٺا ھوندا آهيو. توهان کي ڪاري ٽوپي پارائي ويندي آھي تھ، جيئن ڦاھي گھاٽ ۾موجود مئجسٽريٽ، ڊاڪٽر، پوليس عملدار ۽ جيل جو بي تاج بادشاھ سپرنٽينڊنٽ  جيل،توهان جو نوراني چهرو ڦاھي تي ٽنگجڻ کانپوءِ  ڏسڻ ۾ نھ اچي. ڏاڍو ڀيانڪ منظر ھوندو آهي اھو، نرم دل ۽ رحم دل جيل عملدار،ڊاڪٽر۽ مئجسٽريٽ صاحب،دل کي چيريندڙ منظر ڏسڻ جي سگھھ ناهن رکي سگهندا، اوڇنگارون ڏئي روئي پون ٿا۽ بيهوش ٿي وڃن ٿا.

پر جڏهن سياست جي سرحد نالي ڊرامي ۾ توهان جي ڳچيءَ ۾ڏور ٻڌي ويندي آھي،تڏھن اوھان ڪنھن

ڦاھي گھاٽ جي تختي تي بيٺا نه ھوندا آهيو.توھان اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل ھوندا آهيو.هيٺان کان اقتدار جي ڪرسي نڪري وڃڻ کانپوءِ اوھان زندگيءُ ته ناهيون وڃائيندا پر اقتدار کان محروم ٿي ويندا آهيو.ٻارن کي اهي سڀ ڳالهيون تمام جلد سمجهه ۾ اچي وينديون آهن. اھي جوان ٿيڻ کان اڳ عقل ڌاري وٺندا آهن ۽ ننڍپڻ ۾ ٻڌل ٻڌايل ڳالهيون وساري ڇڏيندا آهن.جيڪي ٻار گھڻا معصوم هوندا آهن۽ننڍپڻ جون ڳالھيون ننڍپڻ ۾ڇڏي اچڻ بجاءِ پنھنجي جوانيءَ  جي چائنٺ تائين کڻي اچن ٿا.اھي ٻار غائب ٿي ويندا آهن،اھي ڪھڙي طرح ۽ ڪيئن غائب ٿي وڃن ٿا.ڪير ڪجهھ نٿو ڄاڻي.

هڪ دفعي موت جو فرشتو ھڪ نوجوان جو روح قبض ڪرڻ ۽ ان کي ابدي ننڊ سمھارڻ جي لاءِ زمين تي آيوھو.تيستائين  نوجوان غائب ٿي چڪو هو.فرشتي نوجوان کي گھڻو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي،سپريم ڪورٽ جا دروازا کڙڪايا پر فائدو نھ ٿيو، موت جي فرشتي کي نوجوان نه مليو. هو مايوس موٽي ويو.هاڻي اوهان سمجهي ويا هوندا ته ٻار جڏھن جوان ٿيڻ لڳن ٿا تڏھن  عقل ڇو ڌاريندا آھن ۽ ڇو سڀ ڪجهه وساري ڇڏين ٿا.

مان اوهان کي عرض ڪري رهيو هوس ته جڏھن بھ توهان سير سياحت جي لاءِ ڪراچيءَ اچو، تڏھن توھان ڪوري ڪاغذ وانگر اچو.ڪراچيءَ ۾ ايندڙن جھڙي طرح اٿلايو پٿلايوآھي. انھيءَ ئي ڪيفيت ۾ ڪراچيءَ کي ڏسو،ھي اھا ڪراچيءَ ناھي،جنهن کي انگريزن 1947ع ۾ ڇڏيو هو.                          (روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.