بادشاهه چارلس کي چوندس ته هو ڪوهه نور هيرو واپس ڪري: ظهران ممداني

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني چيو آهي ته جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته هو برطانيه جي بادشاهه چارلس سان ڪوهِه نور هيري جي واپسي بابت ڳالهه ضرور ڪندو.
ممداني اها ڳالهه برطانوي بادشاهه جي آمريڪي دوري دوران هڪ پريس ڪانفرنس دوران صحافي جي سوال جي جواب ۾ ڪئي.
واضح رهي ته 11 سيپٽمبر 2001ع (نائين اليون) حملن جي متاثرن جي ياد ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب کان اڳ پريس ڪانفرنس ۾ صحافي ظهران ممداني کان برطانوي بادشاهه جي آجياڻي ۽ ساڻس ڳالهه ٻول بابت سوال ڪيو هو.
ڀارتي نسل جي نيويارڪ جي ميئر سوال جي جواب ۾ چيو ته ”مان بادشاهه چارلس سان ڳالهائيندس ته هو ڪوهه نور هيرو واپس ڪري“.
ان کانپوءِ ۾ ممداني تقريب ۾ بادشاهه سان ملاقات ڪئي، جڏهن بڪنگهم پئلس ممداني بيان تي تبصري کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف ممداني جي آفيس به اهو جواب نه ڏنو ته ممداني اهو معاملو بادشاهه آڏو اٿاريو يا نه.
واضح رهي ته ڀارت ان کان اڳ به ڪيئي ڀيرا برطانيه کان ڪوهه نور هيري جي واپسي جو مطالبو ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.