ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾اڄ في تولي سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 4400 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 83 هزار 962 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 3 هزار 772 رپيا واڌ سان 4 لک 14 هزار 919 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه 44 ڊالر واڌ سان 4616 ڊالر في اونس آهي.
You might also like